Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

عالَمِ برزخ جي ڳالھ اچي ٿي، عالَم برزخ يعني مرڻ کان وٺي ڪري قيامت جي ڏينهن اٿڻ تائين جيڪو عرصو آهي، ان کي برزخ چوندا آهن. ([1]) هن دنيا ۾ ته هي انداز آهي جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حاضر به آهن، ناظر به آهن، سندن اسان کي ڏسي رهيا آهن پر اسان انهن کي ڏسي سگهون، هي ضروري ناهي پر عالَمِ برزخ ۾ حاضر و ناظر هجڻ جو شان هن انداز سان آهي ته جيڪو به عالَمِ برزخ ۾ پهچندو آهي، ان جي نظرن تان به پردا کنيا ويندا آهن، اهو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي به ڏسي وٺندو آهي. هن مضمون جون حديثون تمام مشهور آهن، هر ٻار ڄاڻيندو آهي ته جڏهن ميت کي قبر ۾ لاٿو ويندو آهي، ماڻهو مٽي وجهي موٽي ايندا آهن ته قبر ۾ مُنْکَر نَکِیْر يعني سوالات ڪرڻ وارا ملائڪَ پهچندا آهن،

  ملائڪَ ميت کان پڇندا آهن: مَا کُنْتَ تَقُوْلُ فِیْ حَقِّ ہٰذَ الرَّجُل يعني هي سهڻي سهڻي ۽ پياري پياري صورت واري شخصيت آهن يعني محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم (جيڪي توکي ڏيکاريا پيا وڃن) تون دنيا ۾ هن جي متعلق ڇا چوندو هئين؟[2]

   پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هي شان آهي ته*اوڀر هجي يا اولھ هجي*اُتر هجي يا ڏکڻ هجي*روزانو هزارين نه بلڪه لکين ماڻهو دنيا کان ويندا آهن*لکين قبر ۾ لهندا آهن شايد ڪو وقت اهڙو نه هوندو، جنهن وقت ۾ ميت قبر ۾ لاٿو نه ويندو هجي، مختلف رپورٽن جي مطابق سڄي دنيا ۾ في منٽ 1 ۾ خودڪشي ٿيندي ئي آهي*هي خودڪشي ڪرڻ وارا* حرام موت مرڻ وارا به ته قبر ۾ لهندا آهن*مطلب ته هر گهڙي ۾ موت ٿي رهيو آهي*مُردا قبر ۾ لهي رهيا آهن*ملائڪَ انهن جي قبرن ۾ اچي رهيا آهن ۽ پاڻ ڪريم                صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هر هر قبر ۾ پنهنجو جلوو ڏيکاري رهيا آهن ۽ سوالَ ٿي رهيا آهن: مَا کُنْتَ تَقُوْلُ فِیْ حَقِّ ہٰذَ الرَّجُل (يعني اي مرڻ وارا، اي قبر ۾ لهڻ وارا) ٻڌاءِ! دنيا ۾ هن


 

 



[1]... تاويلات اہل السنۃ،پارہ:18 ،سورۂ المومنون،زیرِ آیت :100 ،جلد:7 ،صفحہ :494 ۔

[2]... بریقہ محمودیہ، جلد:1صفحہ:175۔