Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: مُڇون ڪَٽرايو ۽ ڏاڙهيون وڌايو مجوسين جي مخالفت ڪيو![1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سنّتِ مصطفيٰ آهي بلڪه سنّتِ انبياء آهي اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪَر ۾ ايتري هئي جو سينو مبارڪ ڀري ڇڏيندي هئي.[2] * ۽ ڊيگھ ۾ ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مُٺ جي مقدار رهندي هئي * جيڪڏهن هڪ مُٺ کان وڌي ويندي هئي ته گهٽ ڪرائي ڇڏيندا هئا. ان ڪري عالمَ سڳورا فرمائن ٿا: هڪ مُٺ کان وڌيڪ ڏاڙهي کي تَراشڻ(ڪَترڻ) سنت آهي[3] اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏاڙهي کي ڪوڙائڻ ۽ مُڇُن وڌائڻ کي سخت ناپسند فرمائيندا هئا بهارِ شريعت ۾ آهي: ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مُٺ کان گهٽ ڪرڻ حرام آهي. ([4])
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو([5])
الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد