Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

وضاحت: جيڪو ٻانهو جُمعي واري ڏينهن درود و سلام پڙهندو آهي پوءِ هي ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ان کي دوزخ جي باھ کان نجات نه ملي، اي انسانو! جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جون دعائون قبول ٿين ته جُمعي جي ڏينهن هر وقت درودِ پاڪ پڙهو، جُمعي جي ڏينهن درودِ پاڪ جي هيءَ فضيلت آهي جو ان ڏينهن نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم درودِ پاڪ پاڻ ٻڌندا آهن.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات  عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])

       اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت ٻانهي کي جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو:* عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔  

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مان حوضِ ڪوثر ڏسي رهيو آهيان

  حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب بخاري شريف ۾ حديثِ پاڪ آهي ۽ امام بخاري   هن روايت کي بخاري شريف ۾ 3 ڀيرا ذڪر ڪيو آهي. نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري زندگي مبارڪ جي آخري ڏهاڙن جو واقعو آهي ۽ هن کي بيان ڪيو آهي: صحابيءِ رسول عقبه بن عامر رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ، فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پيارا آقا، مڪي


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔