Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
انهن جي فيضان سان هڪ وقت ۾ ڪيئي جڳهن تي وڃي سگهان ٿو ته منهنجا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به هڪ ئي وقت ۾ ڪيئي جڳھن تي جلوو فرمائي سگهن ٿا.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي ڏسو! ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو عالَمِ آخرت جو مشاهدو ڪهڙو آهي؟ جنّت، دوزخ ۽ ٻيون جيڪي آخرت جي متعلق شيون آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي ڪيئن ملاحظه فرمائي رهيا آهن؟ مُسلم شريف جيڪو حديثِ پاڪ جو تمام مُعتبر ڪتاب آهي، ان ۾ مشهور صحابيءِ رسول حضرت جابر رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ راوي آهن. واقعو ڪجھ هن ريت ٿيو ته پياري نبي، مڪي مدني، مُحمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري زندگي جي زماني ۾ سج کي گِرهڻ لڳي ويو.
سج گِرهڻ جي نماز پڙهڻ سنّت آهي.[2] جيئن ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نمازِ ڪَسُوف (يعني سج گرهڻ جي نماز) پڙهائي. 6 رڪعتن جي نماز پڙهي وئي. صحابيءِ رسول رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ چون ٿا: نماز جي دوران خبر ناهي ڇا ٿيو: پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پوئتي هٽڻ شروع ڪري ڏنو.
صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُما بي مثال عاشقِ رسول هئا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي اشارن تي عمل ڪندا هئا، جڏهن انهن ڏٺو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پوئتي هٽي رهيا آهن ته سڀني پوئتي هٽڻ شروع ڪري ڏنو. نماز جاري آهي، صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُم به پوئتي هٽي رهيا آهن. ڪيترو پوئتي آيا؟ صحابي رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: سڀ کان آخري صف جتي هئي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان تائين پوئتي اچي ويا. پوءِ پاڻ اڳتي وڌڻ شروع ڪري ڏنو. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُم به اڳتي وڌڻ شروع ٿي ويا. ايستائين جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم بلڪل اڳتي تشريف وٺي ويا. نماز مڪمل فرمائي. پوءِ خطبو ارشاد فرمايائون.
هاڻي حيراني جي ڳالھ ته هئي جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پوئتي تشريف ڇو وٺي