Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
الله! الله! هي آهي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي حاضر ۽ ناظر هجڻ جو شان...!! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن دنيا ۾ تشريف فرما آهن، مديني جي سرزمين تي آهن پر تمام جهانن ۾ حاضر و ناظر ائين آهن جو هتان کان هٿ مبارڪ وڌائن ته جنّت ۾ ڇُڳن تائين پهچي رهيو آهي. هي وڏي ڪمال جي ڳالھ آهي، جنّت هن جهان ۾ ناهي، جهنّم به عالَمِ آخرت ۾ آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن جهان ۾ رهي ڪري عالَمِ آخرت جو صرف مشاهدو ئي نه فرمائي رهيا آهن بلڪه هٿ وڌائن ٿا، عالمِ آخرت ۾ موجود جنّت جي ڇُڳن تائين هٿ پهچي وڃي ٿو. هن مان خبر پئي ته صرف هي جهان ئي نه بلڪه تمام جهان به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي تَصَرُّف هيٺ آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تمام جهانن ۾ حاضر به آهن. ناظر به آهن چاهين ته اتي تَصَرُّف به فرمائيندا آهن.
الحمد لله! عاشقانِ رسول جو اهو ئي عقيدو آهي، اسان اهوئي مڃيندا آهيون ته الله پاڪ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ دوريون ختم ڪري ڇڏيون آهن، سڀ فاصلا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ ويجهي ڪيا ويا آهن، سندن پنهنجي سڄي اُمّت کي ڏسي به رهيا آهن ۽ جنهن مقام تي چاهيندا آهن تشريف به وٺي ويندا آهن، تَصَرُّف به فرمائيندا آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي اسان جي لاءِ سوچڻ جي ڳالھ آهي، فڪر جي ڳالھ آهي. هي ڳالھ پڪي آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ڏسي رهيا آهن بلڪه شاھ عبدُ العزيز مُحدّثِ دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اي انسانو توهان تي توهان جا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نورِ نبوت سان هر پرهيزگار جي مرتبي ۽ مقام کي ڄاڻين ٿا ۽ هي به ڄاڻين ٿا ته منهنجو فلاڻو امتي ڪهڙي مقام تي پهتل آهي ۽ هي ته ان جي ايمان جي حقيقت ڇا آهي ۽ هي به ڄاڻين ٿا ته منهنجي فلاڻي امتي جي ترقي ۾ فلاڻي شيءِ رڪاوٽ بڻيل آهي. بَس نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم توهان جي گناھن،