Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

وقت هِتان کان ڏسي رهيو آهيان.

   جڏهن مان هن دنيا ۾ رهي ڪري قيامت جا احوال ڏسي سگهان ٿو ته عالَمِ برزخ ۾ رهي ڪري هن دنيا ۾ موجود امت کي به ضرور ڏسندو رهندُس.

شش جِہَت سمتِ مُقابلِ شب و روز ایک ہی حال

دُھوم  وَالنَّجْم میں ہے   آپ   کی  بینائی  کی([1])

وضاحت: سمتِ مقابِل: يعني سامهون جي طرف. هي اسان جهڙا عام ماڻهو آهن، اسان کي صرف اها ئي شيءِ نظر ايندي آهي، جيڪا اسان جي اکين جي سامهون هجي پر نگاھِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هي ڪمال آهي ته سندن مٿي، هيٺ، ساڄي، کاٻي، اڳيان پٺيان هر پاسي ڏسندا آهن، 6 جون 6 سمتون (يعني مٿي، هيٺ، ساڄي، کاٻي، اڳيان پٺيان) پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ ائين آهن جيئن عام اک جي لاءِ سامهون واري سمت هوندي آهي ۽ هي ائين نه آهي ته ڪنهن مقرر  وقت ۾ هوندو آهي بلڪه هر رات، هر وقت، هر گهڙي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نگاھ پاڪ جو اهو ئي ڪمال آهي. جيڪڏهن هن جو دليل ڏسڻو هجي ته سيپارو: 27، سورتِ والنَّجم پڙهي وٺو، الله پاڪ هن سورت ۾ پنهنجي محبوب جي ڏسڻ جي قوت جو ڪمال بيان فرمايو آهي.

حاضر و ناظر ڇا کي چوندا آهن...؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: الله پاڪ پنهنجي عطا سان محبوبِ ذيشان   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي حاضر و ناظر بڻايو آهي. حاضر و ناظر جو مطلب آهي ته پاڻ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مديني پاڪ ۾ گنبذِ خضريٰ جي هيٺان، پنهنجي مزارِ پُرانوار ۾ تشريف فرما آهن ۽ اتي رهي ڪري*سموري جهان*زمين و آسمان*عرش و ڪرسي*لوح و قلم کي پنهنجي تِري جيان ڏسندا ۽ پري ۽ ويجهو جا آواز ٻڌندا


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:154۔