Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

   مثال طور! ڪنهن شهر ۾ هڪ وڏو ٽاور آهي، اوهان سٽيلائٽ جي ذريعي ان ٽاور کي ته ڏسي وٺندا پر هڪ سال کان بعد ان ٽاور جي جڳھ تي ڇا هوندو؟ هي اوهان سٽيلائٽ جي ذريعي به نه ڏسي سگهندا. قربان وڃو! هي اسان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان آهي. اڄوڪي هن سائنسي دور ۾ نه بلڪه اڄ کان تقريباً ساڍا 14 سؤ سال پهريان دنيا کي سٽيلائٽ جي ذريعي نه بلڪه الله پاڪ جي ڏنل طاقت سان ڏسي رهيا هئا ۽ صرف انهيءَ وقت کي نه ڏسي رهيا هئا بلڪه قيامت تائين جيڪو ڪجھ هن دنيا ۾ ٿيڻو آهي، اهو به سڀ ڏسي رهيا هئا ۽ رڳو وڏا وڏا واقعا ئي نه، وڏيون وڏيون شيون ئي نه بلڪه هن زمين جي ننڍن ننڍن ذَرن ۾ جيڪي تبديليون اينديون وينديون، اهي به سڀ ملاحظه فرمائي رهيا هئا.

آنکھیں یہ نہیں سبزئہ مُژگاں کے قریب             چرتے ہیں فضائے لامکاں میں آہُو([1])  

وضاحت: پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون هي مبارڪ اکيون، هنن کي عام اکيون نه سمجهو هي ته لَا مڪان جي چراگاھ ۾ گهمڻ وارا هرڻَ آهن جَن کان ڪا شيءِ لڪيل ناهي.

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي منهنجي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي حاضر و ناظر جو شان آهي، قيامت جي نشانين بابت عُلماءِ ڪرام ڪيئي ڪتابَ لکيا آهن، اوهان انهن کي پڙهي ڪري ڏسو! خبر پوندي ته قيامت تائين جيڪو ڪجھ ٿيڻو هو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيترو تفصيل سان ان سڀ کي بيان ڪيو آهي جيئن فرمايو هو، بلڪل ائين ئي اڄ ٿي به رهيو آهي. هي ان ڳالھ جو دليل آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت تائين جي لاءِ هرهر زماني کي تفصيل سان ڏسي رهيا هئا.

(2): عالَمِ برزخ جو مشاهدو

پيارا اسلامي ڀائرو! پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تمام جهانن جا نبي آهن، تمام جهانن جي لاءِ حاضر و ناظر آهن، هن دنيا کي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري قدر تفصيل سان ملاحظه فرمائي رهيا آهن، اهو ته اسان ٻڌو، ان کان بعد


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:488۔