Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
به آهن، چاهين ته جواب سان به نوازيندا آهن.[1]
هتي ياد رکندا! ڪجھ ماڻهو گمان ڪندا آهن ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هر جڳھ جسم مبارڪ ساڻ موجود آهن، هي غلط نظريو آهي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مديني پاڪ ۾ پنهنجي نوراني مزار ۾ ئي تشريف فرما آهن، اتان ئي سڀني کي ڏسندا به آهن، سڀني جي ٻڌندا به آهن، البت! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم چاهين ته هڪ ئي وقت ۾ ڪيئي مقامن تي تشريف وٺي وڃي سگهن ٿا.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حاضر و ناظر آهن، سندن هن شان کي قرآنِ پاڪ هن ريت بيان ڪيو:
اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ شَاہِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیۡرًا ۙ(۸)
ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ اسان توهان کي گواهه ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄاڙيندڙ بڻائي موڪليو. (سيپارو: 26، سورتِ فتح: 8)
هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ صاف صاف فرمائي ڇڏيو ته اي پيارا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان اوهان کي شاهد بڻائي ڪري موڪليو آهي. شاهد جي معنيٰ آهي: اَلْحُضُوْرُ مَعَ الْمُشَاہَدَۃِ يعني اهو شخص جيڪو ڪنهن واقعي جي وقت حاضر به هجي ۽ ان کي ڏسي به رهيو هجي، ان کي شاهد (گواھ) چوندا آهن.[3]
مثال طور اوهان ڀت جي پٺيان بيٺا آهيو، اوهان کي ڀتِ جي ٻئي پاسي کان آواز اچي رهيو آهي، اوهان هي سمجهي رهيا آهيو ته هي آواز زَيد جو آهي. هاڻي جيڪڏهن اوهان کان گواهي گهري وڃي ته ٻڌايو! فلاڻي وقت ڀتِ جي پٺيان ڪير هو؟ ڇو جو اوهان ڏٺو ناهي، صرف آواز ٻڌو آهي، تنهنڪري شرعي طور تي اوهان گواهي نه ٿا ڏئي سگهو ڇو ته گواھ جي لاءِ ڏسڻ ضروري هوندو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو: