Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
مدَني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم روانا ٿيا، مقامِ اُحد تي پهتا، شهداءِ اُحد (جيڪي هن وقت کان تقريباً 8 سال پهريان شهيد ٿي چڪا هئا، انهن جي نمازِ جنازه پڙهي ڪري انهن کي دفن ڪيو ويو هو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم، انهن) جي مزارن تي (8 سال کان بعد) ٻيهر نمازِ جنازه ادا فرمائي، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم منبر تي تشريف وٺي آيا ۽ خطبو ڏيندي فرمايائون: اِنِّی فَرَطٌ لَکُمْ (اي انسانو...!!) مان توهان جي لاءِ فرط آهيان (يعني توهان کان پهريان وڃڻ وارو آهيان) وَاَنَا شَهِيدٌ عَلَيْكُمْ ۽ مان توهان تي گواھ آهيان وَاِنِّي وَاللَّهِ لَاَ نْظُرُ اِلَی حَوْضِي اَلْآنَ الله پاڪ جو قسم! بيشڪ مان هن وقت هِتان کان حوضِ ڪوثر کي ڏسي رهيو آهيان وَاِنِّي اُعْطِيْتُ مَفَاتِيحَ خَزَائِنِ الاَرْضِ بيشڪ مونکي زمين جي تمام خزانن جون ڪُنجيون عطا ڪيون ويون آهن وَاِنِّي وَاللَّهِ مَا أَخَافُ عَلَيْكُمْ اَنْ تُشْرِكُوا بَعْدِيْ الله پاڪ جو قسم! بيشڪ مان توهان جي مُتعلق شِرڪ جو خوف نه ٿو رکان وَلَكِنْ اَخَافُ عَلَيْكُمْ اَنْ تَنَافَسُوْا فِيهَا ها! هي خوف آهي ته توهان دنيا ۾ مشغول ٿي ويندا.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي هڪ خوبصورت حديث شريف اسان ٻڌي، هن مان اسان کي کوڙ ڳالهيون سکڻ جي لاءِ ملن ٿيون:
(1): اُحُد جي شهيدن تي ڪرم نوازي
پهرين ڳالھ هيءَ ته رسولِ عربي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شهداءِ اُحد جي مزارن تي وڃي ڪري تقريباً 8 سال کان بعد ٻيهر نمازِ جنازه ادا فرمائي، عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هونئن هن طرح ڪنهن جي قبر تي نمازِ جنازه ادا نٿي ڪري سگهجي، هي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو شهداءِ اُحد تي خصوصي ڪرم هو جو سندن پهريان انهن جو جنازو پڙهڻ کان بعد 8 سالن کان