Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
صراطُ الۡجِنان ايپليڪيشن جو تعارف
اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به علمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندي آهي. دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Sirat ul Jinan Quran & Tafsir (صراطُ الجنان قرآن اينڊ تفسير) هن ايپليڪشن ۾*مڪمل قرآنِ پاڪ *اعلٰي حضرت، امامِ اهلسنّت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو لکيل ترجمو ڪنز الايمان *آسان ترجمو، ترجمو ڪنزُ العرفان ۽ *آسان انداز ۾ لکيل تفسير صراطُ الجنان شامل آهي. *قرآنِ ڪريم، ترجمو ۽ تفسير آڊيو ۾ به ٻڌي سگهون ٿا *روزانو تلاوت ڪئي ويندڙ سورتن کي الگ سان جمع ڪيو ويو آهي*مدني چينل تي هلڻ وارا تفسيرِ قرآن ۽ مختلف قرآني پروگرام به هن ايپليڪيشن جي ذريعي آساني سان ڏسي سگهون ٿا *وڌيڪ هي ته قرآني آيتن کي، ترجمو ۽ تفسير کي واٽس ايپ (Whats App)، فيس بُڪ (Facebook) وغيره تي پنهنجي دوستن سان شيئر به ڪري سگهون ٿا. هن ايپليڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، علمِ دين سکو ۽ ٻين تائين پهچائي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ڪمايو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! ربيعُ الاول جي چنڊ واري رات کان مدني چينل تي لائيو مدني مذاڪرن جو سلسلو جاري آهي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيڪو 12هين رات تائين جاري رهندو. اوهان پاڻ به انهن مدني مذاڪرن ۾شرڪت جي نيت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني