Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي متعلق ڇا چوندو هئين.
مغل بادشاھ گذريو آهي: جهانگير. هڪ ڀيري ان جي ذهن ۾ هڪ سوال آيو ته سٺي دنيا ۾ هر گهڙي موت ٿي رهيو آهي، ماڻهو قبرن ۾ لهي رهيا آهن، ڪو اُوڀر ۾ مرندو آهي، ڪو اولھ ۾ مرندو آهي، ڪو اُتر ۾، ڪو ڏکڻ ۾، هڪ دنيا جي هن ڪُنڊ ۾ مُئو، قبر ۾ لٿو، ٻيو دنيا جي هُن ڪُنڊ ۾ مُئو، قبر ۾ لٿو، هاڻي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ ئي ذات هڪ ئي وقت ۾ 2 مختلف جڳهن تي موجود ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ڪيئن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني قبرن ۾ جلوو فرمائيندا آهن؟
بادشاھ جهانگير جي ذهن ۾ هي سوال آيو ته ان سوال پڇيو ڪنهن کان؟ وقت جي وڏي ڪامل ولي حضرت مُجدّدِ الف ثاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان،
اولياءِ ڪرام جو هي انداز هوندو آهي ته هي عام طور تي سوال جو جواب زبان سان ناهن ڏيندا بلڪه ڪري ڏيکاريندا آهن. جيئن ته حضرت مُجدّدِ الف ثاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بادشاھ کي فرمايو: بادشاھ سلامت...!! دهلي جي ماڻهن کي چئو ته پنهنجي گهر ۾ منهنجي دعوت ڪَن ۽ دعوت جيڪا آهي اها هڪ ئي وقت ۾، هڪ ئي ڏينهن ۾ هجڻ گهرجي. بادشاھ ڪيئي ماڻهن کي چئي ڇڏيو، ڪجھ ماڻهن سندن دعوت رکي، بادشاھ پاڻ به دعوت ڪئي. سڀني جڳهن تي دعوت جي تاريخ به هڪ ئي آهي، ڏينهن به هڪ ئي آهي، اهو مقرر ڪيل ڏينهن آيو، حضرت مُجدّد اَلۡف ثاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بادشاھ جهانگير وٽ دعوت تي پهتا. رات جو دعوت کاڌي. صبح ٿي، بادشاھ انهن سڀني دعوت ڪرڻ وارن کي گُهرايو، هڪ هڪ کان پڇيائون: هڪ چوڻ لڳو ته: رات حضرت مُجدّد الف ثاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منهنجي گهر هئا. ٻيو چوڻ لڳو: منهنجي گهر هئا. ٽيون چوڻ لڳو: منهنجي گهر هئا. بادشاھ سلامت پاڻ چوڻ لڳا: هو ته رات مون سان گڏ منهنجي دعوت ۾ هئا.
ان وقت حضرت مُجدد الف ثاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: بادشاھ سلامت...!! مان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ ادنيٰ غلام آهيان، جيڪڏهن مان