Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
فرمائن ٿا: حاضر و ناظر نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّ اللهَ قَدْ رَفَعَ لِيَ الدُّنْيَا فَاَنَا اَنْظُرُ اِلَيْها واِلَى مَا هُوَ كَائِنٌ فِيْهَا اِلَى يَوْمِ الْقِيَامَةِ كَاَنَّمَا اَنْظُرُ اِلَى كَفِّيْ هَذِهِ يعني بيشڪ الله پاڪ منهنجي لاءِ دنيا کي کنيو، سو مان ان ۽ قيامت تائين جيڪو ڪجھ ان ۾ ٿيڻ وارو آهي، سڀ ئي ائين ڏسي رهيو آهيان، جيئن پنهنجي هن تريءَ کي ڏسندو آهيان.[1]
فرش تا عرش سب آئینہ ضمائر حاضر بس قسم کھائیے اُمِّی تِری دانائی کی([2])
سبحٰنَ الله! ڇا ته شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! سموري زمين جو ڪُل رقبو تقريباً 510 ملين مربع ڪلو ميٽر آهي، پيارا آقا مديني جي سرزمين تي ويهي ڪري سڄي دنيا کي ائين ڏسي رهيا آهن، جيئن ماڻهو پنهنجي تري کي ڏسندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي ان حديث شريف جي هڪ ٻئي پهلو تي غور فرمايو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صرف هي ناهي چيو ته هن وقت دنيا ۾ جيڪو ڪجھ موجود آهي مان اهو سڀ ڏسي رهيو آهيان بلڪه فرمايائون: (هن وقت جيڪو ڪجھ آهي، ان کي ته ڏسي ئي رهيو آهيان، ان سان گڏوگڏ) قيامت تائين جيڪو ڪجھ ٿيڻو آهي، مان اهو به سڀ ڏسي رهيو آهيان. هي نهايت اهم ڳالھ آهي. *سائنس چاهي ڪيتري به ترقي ڪري*جيترا به آلات ايجاد ٿي وڃن*اسان چاهي ڪهڙيون به مشينون استعمال ڪيون*لينز لڳايون پر مَعدوم شيءِ (يعني جيڪا اڃان پيدا ئي ناهي ٿي، ان) کي اسان نه ٿا ڏسي سگهون. اڄ سائنس ترقي ڪري چڪي آهي، سٽيلائٽ جي ذريعي سڄي دنيا کي سڪرين تي ڏسي سگهجي ٿو پر جيڪو ڪجھ اڃان دنيا ۾ آهي ئي نه، ان کي اسان سٽيلائٽ جي ذريعي به نه ٿا ڏسي سگهون.