Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي سمجهڻ گهرجي! الله پاڪ به ڏسي رهيو آهي، ان جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به ڏسي رهيا آهن، ته پوءِ ڇو نه اسان برائين کان بچي نيڪين جي ڪمن ۾ لڳي وڃون ۽ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين کي سڪون پهچايون.

  الله پاڪ اسان کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو

  پيارا اسلامي ڀائرو! عقائدِ اهلسنت تي استقامت ماڻڻ، دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، سنتُن تي هلڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسطه ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب اڳتي وڌي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون ملنديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو به آهي.

 جنهن ۾ قرآن جون 3 آيتون*انهن جو ترجمو ۽ (خزائنُ العرفان يا صراطُ الجنان) تفسير ٻڌي، ٻڌائي ويندي آهي*فيضانِ سنت مان درس ٿيندو آهي*شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي*دعا ٿيندي آهي ۽*آخر ۾ اشراق، چاشت جا نوافل ادا ڪيا ويندا آهن.

    اوهان به هن ديني ڪم ۾ حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون ملنديون*حديثِ پاڪ جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ وڃي، ان کي عُمري جو ثواب ملندو آهي.[1]*صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي*سڄو ڏينهن چڱو گذرندو*صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو


 

 



[1]... مستدرک، کتاب العلم، باب من جاء المسجد...الخ، جلد:1، صفحہ:281، حدیث:317۔