Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

نصيب ٿيندو *شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو*انهن جي محبت دل ۾ ويهندي*اولياءِ ڪرام جي روحاني توجھ ملندي *ايمان تازو ٿيندو * انهن جي وسيلي سان گهريون ويندڙ دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پوريون ٿينديون*هڪ وڏي برڪت هي آهي ته نمازِ فجر کان نمازِ اشراق تائين مسجد ۾ ترسڻ سنّتِ مصطفيٰ آهي ان عمل جي سعادت ملي ويندي حديثِ پاڪ جي مطابق جيڪو نمازِ فجر کان بعد ذِڪرُ الله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق، چاشت جا نوافل پڙهي، ان کي جهنّم جي باھ نه ڇُهندي.[1]

ويزائون ملي ويون

   هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ آهن۔ جتي انهن جو پنهنجو ڪاروبار (Business) آهي۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزن جي لاءِ بار بار درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پيو۔ خير هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ جي مَشوَري تي اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعرن کي بِلاناغه پڙھڻ شروع ڪيو۔ الحمد لله! شجره قادريه رضويه ضيائيه عطاريه پڙهڻ جي برڪت سان انهن جو اهو ڪم  جيڪو ڪيئي سالن کان نه ٿي رهيو هو، حَيرت اَنگيز طور تي ڪجھ ڏينهن ۾ ٿي ويو ۽ انهن کي ويزائون ملي ويون

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکل کُشا کے واسِطے                                                                        کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:420، حدیث:3957۔