Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

(3): پنهنجي خزانن جي خُدا ڪُنجي اوهان کي ڏني  

   پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ فرمايو: بيشڪ مونکي زمين جي تمام خزانن جون ڪُنجِيون عطا ڪيون ويون آهن.

            سبحٰنَ الله! معلوم ٿيو: اسان جا آقا مالِڪِ ڪُل آهن، دنيا جا تمام خزانا پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيا ويا آهن، جنهن کي جيڪو چاهين عطا فرمائي ڇڏيندا آهن.

کُنجی تمہیں دی اپنے خزانوں کی خُدا نے        مَحْبُوب کیا مَالِک و مُخْتار بنایا

عَالَم کے سلاطین بھکاری ہیں بھکاری                                   سَرکار بنایا تمہیں سَرکار بنایا

بے یار و مددگار جنہیں کوئی نہ پوچھے                                                 ایسوں کا تجھے یار و مددگار بنایا ([1])

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ اوهان کي پنهنجي خزانن جون ڪُنجيون ڏئي ڪري مالڪ و مُختار بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کي جيڪو چاهيو نوازيو، جيڪو چاهيو عطا فرمايو، دنيا جا بادشاھ ته اوهان جي سامهون پينو آهن، اصل اختيار ته اوهان جو آهي، جنهن کي دنيا ۾ ڪو پڇڻ وارو ناهي الله پاڪ اوهان کي اهڙن جو مددگار بڻايو آهي.

حافظو عطا فرمائي ڇڏيائون

  هتي هي نه سمجهيو وڃي ته زمين جي خزانن مان مُراد صرف سون چاندي وغيره آهن. نه...!! نه...!! بلڪه هر طرح جي نِعمتن جا خزانا پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيا ويا آهن، سندن جنهن کي جيڪو چاهيندا آهن، عطا فرمائيندا آهن. تمام مشهور حديثِ پاڪ آهي، حضرت ابوهريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ صحابيءِ رسول آهن، بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيندا هئا، حديثون ٻڌندا هئا پر ياد نه رهنديون هيون. هڪ ڏينهن حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! حافظو ڪمزور آهي، اوهان


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:125۔