Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
مذاڪري ۾ رسالو آخري نبي جو شان بزبانِ قرآن جو اعلان ڪيو ويندو.
هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي لاءِ ٻين کي به شئير (Share) ڪيو!جشنِ ولادت ملهائڻ يقيناً وڏي سعادت جي ڳالھ آهي، پر جشنِ ولادت ملهائڻ جو طريقو ڇا آهي، جشنِ ولادت ملهائيندي اسان کي ڪهڙا ڪم ڪرڻا آهن ۽ ڪهڙا ناهن ڪرڻا هي سڀ ڪجھ ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه 2 رسالا شايع ڪيا آهن. (1): اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو تحرير ڪيل رسالو صُبحِ بهاران (2): عاشقِ ميلاد بادشاھ. رسالو صبحِ بهاران 28 رپين ۽ رسالو عاشقِ ميلاد بادشاھ 23 رپين ۾ مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان قيمت ڏئي طلب فرمايو! شعبه تقسيمِ رسائل جي طرف کان ربيعُ الاول ۾ پيش ڪيو پيو وڃي تمام پيارو فيضانِ ميلاد پيڪيج جنهن ۾ 9 وڏا رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهي. صرف 200 رپين ۾ مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان قيمت ڏئي طلب فرمايو! جلوسِ ميلاد ۾ موٽر سائڪل، گاڏين، ننڍن ۽ وڏن جي هٿ ۾ لوڏڻ جي لاءِ مختلف سائز جا مدني پرچَم (جهندا) مڪتبةُ المدينه تان قيمت ڏئي طلب فرمايو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد