Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

روحُ الله! اهو ڌوٻي ته صحيح سلامت واپس اچي ويو! پاڻ عَلَیْہِ السَّلَام ان کي گهرايو ۽ فرمايائون: تو ڪهڙي ڀلائي ڪئي آهي؟ ته ان عرض ڪيو: مون 3 مانيون صدقو ڪيون آهن. پوءِ پاڻ عَلَیْہِ السَّلَام ان نانگ کان پڇيو: تو هن کي قتل ڇونه ڪيو؟ نانگ عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي! الله پاڪ اوهان جي دعا قبول فرمائي ۽ مون کي هن کي هلاڪ ڪرڻ جي لاءِ موڪليو پر جڏهن هن ڌوٻيءَ سائل کي صدقو ڏنو ته هڪ ملائڪ اچي ڪري مون کي لوھ جو لغام وجهي ڇڏيو. ماڻهو ان ڳالھ تي تمام گهڻو حيران ٿيا ۽ ڌوٻيءَ توبھ ڪري ورتي.

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي صدقي جي طاقت...!! ڇا دنيا جي ڪا طاقت اچي تقدير کي ٽاري سگهي ٿي؟ نٿي ٽاري سگهي. صدقي ۾ الله پاڪ اهڙي طاقت رکي آهي جو تقدير کي به ٽاري ڇڏيندو آهي، بس! شرط اهو آهي ته اخلاص سان هجي.

میرا ہر عمل بس تیرے واسطے ہو                                                                                           کر اِخلاص ایسا عطا یاالٰہی!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  

صبح سوير صدقو ڏيندا ڪيو!

 حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عَنه کان روايت آهي فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: صبح سويري صدقو ڏيو جو بلا صدقي کان اڳتي قدم ناهي وڌائيندي.[1]

   هڪ شخص حضرت ابو هريره رَضِیَ اللہُ عَنه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري چوڻ لڳو ته منهنجو پٽ سامونڊي سفر تي ويو آهي اوهان الله پاڪ کان ان جي لاءِ دعا فرمايو ته پاڻ فرمايائون: ان جي طرفان صدقو ڏيو. ان وقت سمنڊ ۾ طوفان آيل


 

 



[1]...سننِ کبریٰ للبیہقی ،کتاب الزکاۃ ،باب فضل من اصبح صائما…الخ ،جلد:4 ،صفحہ:506،حدیث:7831۔