Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
باھ آهي. * انهن عرض ڪيو: اي الله پاڪ! ڇا باھ کان به وڌيڪ طاقتور ڪا مخلوق پيدا فرمائي آهي؟ ارشاد ٿيو: اهو پاڻي آهي. * انهن عرض ڪيو: اي الله پاڪ! ڇا ڪا مخلوق پاڻي کان به وڌيڪ طاقتور آهي؟ ارشاد فرمايو: اها هوا آهي. * انهن عرض ڪيو: اي الله پاڪ! ڇا هوا کان به ڌيڪ طاقتور ڪنهن مخلوق کي پيدا فرمايو آهي؟ الله پاڪ فرمايو: ها! اهو انسان جڏهن ساڄي هٿ سان صدقو ڪري ته ان کي کاٻي هٿ کان لڪائي.[1]
الله! الله! معلوم ٿيو: هن دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط شيءِ اهو صدقو آهي جيڪو لڪائي ڏنو ويندو آهي. دنيا جي ڪا مضبوط کان مضبوط ترين شيءِ اهو ڪم ناهي ڪري سگهندي جيڪو ڪم ٻانهي جو ڏنل صدقو ڪري ويندو آهي.
حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام جي زماني ۾ هڪ ڌوٻي هو جيڪو ماڻهن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ملائي ڇڏيندو هو، ماڻهن حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام کي ان جي باري ۾ ٻڌايو ته پاڻ عَلَیْہِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ عرض ڪيو: ياالله پاڪ! اُن کي هلاڪ ڪَري ڇڏ، هڪ ڏينهن اهو ڌوٻي پنهنجي معمول مطابق نڪتو، ان وٽ 3 مانيون هيون هڪ سوالي آيو ته ان هڪ ماني ان کي ڏئي ڇڏي، سواليءَ دعا ڏني: الله پاڪ توکان آسماني آفتون دور ڪري، ڌوٻيءَ ان کان متاثر ٿي ڪري ان کي ٻي به ماني ڏئي ڇڏي، ان تي سواليءَ دعا ڏني: الله پاڪ توکي تمام آفتن کان محفوظ رکي، ان ٽئين ماني به ڏئي ڇڏي، ان تي سائل هڪ ٻي دعا ڏني ته الله پاڪ توکي توبھ جي توفيق عطا فرمائي. انهيءَ دوران هڪ تمام وڏو نانگ ان جي ڀريءَ ۾ داخل ٿي چڪو هو. جڏهن ڌوٻيءَ ڪپڙا کڻڻ جو ارادو ڪيو ته نانگ ان کي ڏنگڻ چاهيو، هڪ ملائڪَ انهيءَ وقت ان نانگ کي لوھ جو لغام وجهي ڇڏيو ۽ ڌوٻي سلامتي سان واپس اچي ويو. ماڻهن حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام کي عرض ڪيو: اي