Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

سو روپيه آهن، اهو ته شيءِ خريد ڪري وٺندو، جنهن وٽ ايتري رقم ناهي، سؤ روپيه به گهٽ آهي، ان شيءِ کي بَس حسرت سان ڏسي ئي سگهي ٿو. الله پاڪ جي ڪرم نوازي ڏسو! پهريان ته ان کي واپار فرمايو،  پوءِ قيمت جي ڪابه قيد نه لڳائي، جنهن جي کيسي ۾ 10 روپيه آهن، اهو 10 روپين کان هيء واپار  ڪري سگهي ٿو، جنهن وٽ 100 روپيا آهن، اهو 100 روپين کان هيء واپار ڪري سگهي ٿو، جنهن کي جيتري توفيق، جيتري همت، جيتري استطاعت، اوتري ئي خدمت کان هيء واپار  ڪري سگهجي ٿو.

اچو...!! هاڻي اسان هيءَ تجارت ڪيون ٿا، اسان دين جي مالي ۽ جاني خدمت ڪيون ٿا بدلي ۾ ڇا ملندو؟ 3 انعام ملندا:

انوکي واپار  جو  پهريون انعام

   فرمايو:

یَغْفِرْ لَکُمْ  ذُنُوْبَکُمْ (سيپارو: 28، سورة صف: 12)

ترجموڪنزالعرفان: هو توهان جا گناھ بخشي ڇڏيندو۔

 هي پهريون انعام آهي: جيڪو ٻانهو هيء انوکو واپار ڪندو يعني دينِ اسلام جي مالي ۽ جاني خدمت ڪندو، ان کي پهريون انعام هيءُ ملندو ته ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.

هي تمام وڏو انعام آهي. گناھ معاف ٿيڻ جو مطلب آهي جهنّم کان آزادي ملي وڃڻ. قيامت جي ڏينهن جڏهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضري ٿيندي، هاءِ افسوس! * اهو 50 هزار سال جو ڏينهن*  قيامت جي گرمي * ميزان رکيو ويندو * هڪ هڪ عمل جو حساب ورتو ويندو * ان وقت جيڪڏهن اعمالنامي ۾ گناھ نڪري آيا، * انهن گناھن جي معافي نه ملي سگهي، * گناھن جو پُڙ وزني ٿي ويو ته افسوس! جهنّم ۾ وڃڻو پئجي سگهجي ٿو * اها وڏي باھ...!! جيڪا هڏين کي به ساڙي ڇڏيندي * اهو جهنم جتي اٺن جي ڪنڌ جيڏا وڏا وڏا وڇون هوندا