Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

  ان کي دعائن سان به نوازيو آهي. پاڻ دعا فرمائي: يارَبّ مصطفيٰ! 3 نومبر 2024 تي جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيلي ٿون جو سلسلو ٿي رهيو آهي، ياالله! انهن ۾ يا هاڻي کان جيڪو به حصو ملائي، گهٽ ۾ گهٽ 1 يونٽ جمع ڪرائي، يا ڪنهن کي ان جي ترغيب ڏي، يا ان لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري. اي الله پاڪ! ان کي ايستائين موت نه ڏي، جيستائين تنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو خواب ۾ جلوو نه ڏسي وٺي، ۽ ان کي ماءُ پيءُ سميت بغير حساب مغفرت سان مشرف فرماءِ.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھِ خُدا ۾

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن و سنت جي خدمت ڪرڻ، دينِ اسلام جي ترويج ۽ اشاعت ڪرڻ، سنتن کي عام ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب جوش ۽ جذبي سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھِ خُدا ۾ به آهي.

 * موجوده دور جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي هي مدني مقصد ڏنو آهي ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي.“ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

 *  دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول هن مقصد کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڳوٺ، شهر جي اطراف، نيو سوسائٽيز ۽ شهر جا اهڙا علائقا جتي ديني ڪمَ ڪمزور آهن اتي وڃي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن * ڪنهن به ڏينهن خاص ڪري جمعي يا آچر جي ڏينهن اسلامي ڀائر انهن علائقن ۾ ويندا آهن *  اتي مسجد ۾ نفلي اعتڪاف ٿيندو آهي *  نيڪي جي دعوت عام ڪئي ويندي آهي *  اوهان به ايندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو *