Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
طالبِ علمِ دين جي مالي خدمت ڪرڻ جي فضيلت
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيترو نرالو شان آهي. صدقو ڪرڻ جا کوڙ فضائل آهن، الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جا گهڻا فضائل آهن پر خاص طور * جيڪي ماڻهو دين جي خدمت ۾ مصروف هجن * جيڪي علمِ دين سکڻ ۾ مصروف هجن * سيکارڻ ۾ مصروف هجن * جن پنهنجون زندگيون دين جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن، * انهن تي صدقو ڪرڻ، انهن جي مالي خدمت ڪرڻ، ان جو شان ئي نرالو آهي. سيپارو: 3، سورت بقره ۾ صدقو ۽ خيرات جا احڪام، ان جا فضائل، ان جي متعلق تعليمات کي تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، پوءِ هي صدقو ۽ خيرات ڏيڻو ڪنهن کي آهي؟ مالي خدمت ڪنهن جي ڪرڻي آهي؟ ان جا ٻيا به کوڙ مَصۡرف (خرچ ڪرڻ جون جايون) آهن پر ٽئين سيپاري ۾ ان جو هڪ خاص مَصۡرف (جتي خرچ ڪرڻ گهرجي ان کي) الله پاڪ ذڪر ڪيو، ارشاد ٿئي ٿو:
لِلْفُقَرَآءِ الَّذِیْنَ اُحْصِرُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰہِ لا يَسْتَطِیْعُوْنَ ضَرْبًا فِی الْاَرْضِ ۫
ترجمو ڪنزُالعرفان: انهن فقيرن جي لاءِ جن کي الله جي رستي ۾ روڪيو ويو، اُهي زمين ۾ هلي ڦري نٿا سگهن.
تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ آهي: هيءَ آيتِ ڪريمه اهلِ صفه جي حق ۾ نازل ٿي، انهن حضرات جي تعداد تقريباً 400 جي قريب هئي * اهي هجرت ڪري مديني پاڪ اچي ويا هئا * اتي نه انهن جو گهر هو * نه ڪو قبيلو هو * اهي سڄو وقت الله پاڪ جي عبادت ۾ گذاريندا هئا * انهن جا صرف ٻه ئي ڪم هئا (1): رات جو علمِ دين سکندا هئا (2): ڏينهن جو دين جي خدمت ڪندا هئا، ته الله پاڪ فرمايو: صدقو ۽ خيرات ۽ مالي خدمت جو بهترين مَصۡرف هي اهلِ صُفه آهن، جن