Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

دير نه ڪيو! جلدي انهن جي خدمت جو انتظام ڪيو! ايترو چوڻ کان پوءِ اهو گهوڙي سوار منهنجي نظرن کان غائب ٿي ويو.[1]

عُلماءِ ڪرام جي خدمت

   حضرت عبدُ الله بن مبارڪ رحمةُ اللهِ عَلَيْه (جيڪي امام اعظم ابو حنيفه جا خاص شاگرد ۽ فقه حنفي جي امامن مان آهن) اهلِ علم ماڻهن سان خاص طور ڀلائي ڪندا هئا، انهن کي عرض ڪيو ويو: اوهان سڀني سان هڪجهڙو معاملو ڇونه ٿا رکو؟ فرمايائون: مان نبين سڳورن عَلَيۡهِم السَّلَام (۽ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم) کان پوءِ عالمن کان سواءِ ڪنهن جي مقام کي بُلند نه ٿو سمجهان، هڪ به عالم جي توجھ پنهنجي حاجتن جي ڪري هٽندي ته اهو صحيح طريقي سان دين جي خدمت نه ڪري سگهندو ۽ ديني تعليم تي ان جي درست توجھ نه ٿي سگهندي. لهٰذا انهن کي علمي خدمت جي لاءِ فارغ رکڻ افضل آهي.[2]

هڪ انوکو  واپار

   الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا  الَّذِیْنَ  اٰمَنُوْا ہَلْ اَدُلُّکُمْ عَلٰی تِجَارَۃٍ  تُنْجِیْکُمْ مِّنْ عَذَابٍ اَلِیْمٍ (۱۰)

(سيپارو: 28، سورة صف: 10)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! ڇا مان توهان کي اهڙي واپار جي راهنمائي


 

 



[1] عُیُون الحکایات، حصہ اول، صفحہ:181تا184خلاصۃً

[2] مکاشفۃ القلوب ،باب فی فضل الصلاۃ و الزکاۃ،صفحہ:417