Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
ڪتابن ۾ لکيل آهي: سلطان محمود غزنوي رحمةُ اللهِ عَلَيْه جيڪو پنهنجي دور جو تمام وڏو سلطان ۽ عاشقِ رسول هو. پاڻ ٽن ڳالهين جي حقيقت ڄاڻڻ جي جستجو ۾ هو (1): پهرين هي هئي ته محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن فرمان: اَلْعُلَمَاءُ وَرَثَةُ الأَنْبِيَاءِ (يعني عُلما نبين جا وارث آهن) مان ڪهڙا ماڻهو مراد آهن. (2): ٻئي ڳالھ هيءَ هئي ته ڇا منهنجي والد جو نالو سُبگَتْگِیْن ئي آهي يا مان ڪنهن ٻئي جو پٽ آهيان (3): ٽئين ڳالھ اها ڄاڻڻ چاهين پيا ته مان قيامت جي ڏينهن بخشيو ويندس يا نه.
هڪ رات سلطان محمود غزنوي رحمةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي لشڪر سان گڏ ڪٿي وڃي رهيا هئا، هڪ خادم چراغ کڻي ڪري اڳيان اڳيان هلي رهيو هو.
روشني پکڙيل ڏسي ڪري هڪ ماڻهو ڪتاب کڻي پنهنجي گهر کان ٻاهر آيو ۽ چراغ جي روشني ۾ ڪتاب پڙهڻ لڳو. سلطان سوچيو ته شايد هي ڪو عالمِ دين آهي ۽ هن جو احترام ڪندي لشڪر کي روڪي ڇڏيو ته جيئن هو آرام سان چراغ جي روشني ۾ مطالعو ڪري سگهي. مطالعو ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن اهو صاحب پنهنجي گهر واپس هليو ويو تڏهن سلطان پنهنجي لشڪر سان گڏ اتان روانو ٿي ويو.
انهيءَ رات قسمت جو ستارو چمڪيو. رات جو جڏهن سلطان سمهي پيو ته نصيب جاڳي ويا. خواب ۾ ٻنهي جهانن جا سردار، مڪي مدني سرڪار صَلَّي اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم تشريف کڻي آيا. قربان وڃو! محبوبِ ڪريم صَلَّي اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم هڪ ئي جملي ۾ فرمايو: "اي ناصرُ الدين سُبگَتْگِیْن جا پُٽ! منهنجي وارث (عالمِ دين) جي خدمت جي ڪري الله پاڪ توکي معاف ڪري ڇڏيو آهي.[1]