Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

ارشاد فرمايو: ان کي جنّتن مان به اعليٰ جنّت يعني جنّتِ عدن ۾ مقام عطا ڪيو ويندو.

انوکي  واپار  جو  ٽيون انعام

 ان انوکي واپار جو ٽيون انعام جيڪو آهي، ان جي متعلق فرمايو:

وَ اُخْرٰی تُحِبُّوْنَہَا ؕ(سيپارو: 28، سورة صف: 13 )

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ (الله) توهان کي هڪ ٻي (نعمت ڏيندو) جنهن کي توهان پسند ڪيو ٿا.

يعني اُن انوکي واپار جو ٽيون انعام اهڙو آهي، جنهن جي طرف دليون جلدي مائل ٿينديون آهن اهو انعام ڪهڙو آهي؟ فرمايو:

نَصْرٌ  مِّنَ اللّٰہِ وَ فَتْحٌ  قَرِیْبٌ ؕ (سيپارو: 28، سورة صف: 13 )

ترجموڪنزُالعرفان: (اها) الله جي مدد ۽ جلد ملڻ واري فتح (آهي).

يعني ان انوکي واپار جو ٽيون انعام هي آهي ته دنيا ۾ الله پاڪ جي خاص مدد به نصيب ٿيندي ۽ عنقريب ڪاميابين سان به توهان کي نوازيو ويندو.

   سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! صرف 2 ڪم ڪرڻا آهن (1): ايمان. هي الحمد لله! اسان کي پهريان کان ئي حاصل آهي (2): دين جي جاني ۽ مالي خدمت ڪرڻي آهي. بدلي ۾ جيڪو ڪجھ ملندو ان ۾ باقي ڇا رهجي ويو آهي؟ * دنيا ۾ الله پاڪ جي مدد به ملي ويندي * ڪاميابيون به نصيب ٿي وينديون * آخرت جي ڳالھ ڪيون ته گناھ به معاف ڪيا ويندا ۽ * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنّت ۾ داخلا به عطا ڪئي ويندي.

ڪاش! اسان کي توفيق ملي، اسان دين جي جاني مالي خدمت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

دين جي مالي خدمت ضرور ڪيو!