Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”گهروارن تي خرچ“ سنّتِ مصطفيٰ آهي

  2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): قيامت جي ڏينهن ميزانِ عمل تي سڀ کان پهريان ٻانهي جو پنهنجي گهروارن تي خرچ ڪيل مال رکيو ويندو.[2] (2) جيڪو ثواب جي نيت سان پنهنجي اهلِ خانه تي خرچ ڪري ته اهو ان جي لاءِ صدقو آهي.[3]

   اي عاشقانِ رسول! اهلِ خانه تي خرچ ڪرڻ سنّتِ مصطفيٰ آهي * پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گهروارن تي خرچ فرمائيندا هئا * حديثِ پاڪ جي مطابق هجرت کان پوءِ هڪ وقت اهو به آيو جو رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گهروارن جي لاءِ سال جو اناج جمع فرمائي ڇڏيندا هئا.[4]

   هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان مشهور مُفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْه جيڪا شرح بيان ڪئي، ان جو خلاصو آهي ته هي يعني سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو سڄي سال جي لاءِ اناج جمع فرمائي ڇڏڻ، بنو نُضير جو قلعو فتح ٿيڻ کان بعد جي ڳالھ آهي. هي به خيال رهي ته حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جيتوڻيڪ سڄي سال جو اناج جمع فرمائيندا هئا پر


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...معجم الاوسط ،جلد:4، صفحہ: 329، حدیث: 6135۔

[3]...مسلم ،کتا ب :الزکاۃ، صفحہ:502، حدیث:1002۔

[4]... احیاء العلوم، کتاب: توحید، جلد: 4، صفحہ:343۔