Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هن جڳھ راھِ خُدا ۾ اخلاص سان مال خرچ ڪرڻ کي قرض سان تعبير فرمايو ويو آهي، ان مان هيءَ ڳالھ دل ۾ ويهارڻ مقصود آهي ته جهڙيءَ طرح قرض ڏيڻ وارو اطمينان رکندو آهي ته ان جو مال ضايع ناهي ٿيندو ۽ اهو ان جي واپسي جو مستحق آهي، ائين ئي راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ واري کي اطمينان رکڻ گهرجي ته هو خرچ ڪرڻ جو بدلو يقيناً ماڻيندو ۽ اهو به معمولي نه
فَیُضٰعِفَہٗ لَہٗۤ اَضْعَافًا کَثِیْرَۃً ؕ(سيپارو: 2، سورة بقرة،245)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ته الله ان جي لاءِ ان قرض کي تمام گهڻو وڌائي.
حضرت عثمان نَهدي رحمةُ اللهِ عَلَيْه تابعي بزرگ آهن، انهن کي ڪنهن ٻڌايو ته حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنه فرمائن ٿا: مومن ٻانهي کي هڪ نيڪي جي بدلي 10 لکَ نيڪيون ملنديون. (يعني جيڪڏهن هڪ روپيو راھِ خُدا ۾ صدقو ڪيو وڃي ته ثواب ۾ هي 10 لکَ ڀيرا هوندو) حضرت عثمان نَهدي رحمةُ اللهِ عَلَيْه مديني پاڪ حاضر ٿيا حضرت ابو هريره رَضِیَ اللہُ عَنه کان پڇيائون: ڇا اوهان هي ارشاد فرمايو آهي؟ حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنه فرمايو: مون هي ناهي چيو، مون ته هي چيو هو: الله پاڪ مومن ٻانهي کي هڪ نيڪي جي بدلي 20 لک ڀيرا عطا فرمائيندو آهي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرم نوازيون آهن، مال به ان جو، ڏنو به ان، جيڪڏهن اسان انهيءَ جي راھ ۾ خرچ ڪيون مال به محفوظ، ثواب به اهڙو جو ڳڻپ ۽ حساب ۾ نه اچي سگهي.
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! صدقي جي فضائل تي غُور فرمايو! جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي عطا ڪيل مال کي الله پاڪ جي ئي راھ ۾ خرچ ڪري، الله پاڪ ان کي قرض فرمائيندو آهي ۽ ان تي اجر ڪيئي ڀيرا وڌائي ڏيڻ جو وعدو