Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

نيڪي جي دعوت جو ثواب نصيب ٿيندو *  راھِ خُدا ۾ نڪرڻ جي سعادت ملندي *  حديثِ پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راھِ خدا ۾ خاڪ آلود ٿين، انهن کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي[1] * جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پنهنجي مسلمان ڀائرن وٽ شهر جي اطراف ۾ وڃي، حديثِ پاڪ ۾ ان جي لاءِ جنّت جي بشارت آئي آهي.[2]

اسان ته بَس دعوتِ اسلامي جا ٿي ڪري رهجي وياسين

   هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان عام نوجوانن جيان غفلت جي زندگي گذاري رهيو هيس، منهنجي قسمت جو تارو ايئن چمڪيو جو هڪ ڏينهن اسان جي علائقي ۾ ڪجھ اسلامي ڀائرَ آيا، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءَ مونکي ان ديني ڪم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني،  لهٰذا مان به ڪجھ دوستن سان گڏ شامل ٿي ويس، واپس ويندي هڪ اسلامي ڀاءَ هفتيوار اجتماع جي دعوت ڏني ته اسان عرض ڪيو: جيڪڏهن ياد رهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ضرور شرڪت ڪنداسين. بهرحال اسان اجتماع ۾ شرڪت ڪئي، اتي انهيءَ اسلامي ڀاءَ سان ملاقات ٿي جنهن اسان کي اجتماع جي دعوت ڏني هئي، اهي ايتري قدر اخلاق سان پيش آيا جو اسان ته بَس دعوت اسلامي جا ئي ٿي وياسين. منهنجو ته ڄڻ زندگي جو انداز ئي مٽجي ويو، نمازن جي پابندي نصيب ٿي، گانن جي جاءِ نعت شريف ورتي، چهري تي ڏاڙهي ۽ مٿي تي عمامو شريف سجائي ورتو، ايئن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس.

عطائے حبیبِ خدا دینی  ماحول                                                                                      ہے فَیضانِ غوث ورضا دینی  ماحول

تُو داڑھی بڑھا لے عِمامہ سجا لے                                                                             نہیں  ہے یہ ہرگز بُرا دینی  ماحول


 

 



[1]... مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔

[2]... معجم اوسط،جلد:1، صفحہ:472، حدیث:1743۔