Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
* اهو جهنم جتي تمام سخت عذابَ هوندا، جيڪڏهن گناھن جي معافي نه ملي ته ان جهنم ۾ سڙڻو، عذابن ۾ گرفتار ٿيئڻو پوندو پر قربان وڃو! فرمايو: هيء انوکو واپار ڪيو، دين جي جاني ۽ مالي خدمت ڪيو! توهان جا گناھ بخشيا ويندا. جڏهن گناھ بخشيا ويندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جهنم کان ڇوٽڪارو به ملي ويندو ۽ جنّت ۾ داخلا به نصيب ٿي ويندي.
ان انوکي واپار جو ٻيو انعام ڇا آهي؟ فرمايو:
وَ یُدْخِلْکُمْ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِہَا الْاَنْہٰرُ وَ مَسٰکِنَ
طَیِّبَۃً فِیْ جَنّٰتِ عَدْنٍ ؕ ذٰلِکَ الْفَوْزُ الْعَظِیْمُ (ۙ۱۲)( سيپارو: 28، سورة صف: 12)
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ توهان کي انهن باغن ۾ داخل فرمائيندو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون ۽ پاڪيزه رهائش گاهن ۾ جيڪي هميشه رهڻ جي باغن ۾ آهن، اهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! اها جنّت جتي اهڙيون نعمتون آهن * جن کي نه ڪنهن اک ڏٺو * نه ڪنهن ڪنَ ٻڌو * نه ڪنهن دل ۾ ان جو خيال گذريو * اها جنّت جتان جي ڪابه شيءِ ننهن جي برابر هن دنيا ۾ ظاهر ٿي وڃي ته آسمان ۽ زمين چمڪي پون * اها جنت جنهن جو هڪ ڪوڙو (يعني چابُڪ) رکڻ جو هنڌ سڄي دنيا ۽ ان جي نعمتن کان بهتر آهي * اها جنّت جنهن جون ڀتيون سون ۽ چاندي جون، گارو مُشڪ جو، زمين زعفران جي، پٿريون موتي ۽ ياقوت جون آهن * اها جنت جنهن جون تمام نعمتون هميشه هميشه رهڻ واريون آهن، انهن تي ڪڏهن فنا ناهي. جيڪو ٻانهو هي انوکو واپار ڪري يعني دين جي جاني ۽ مالي خدمت ڪري،