Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
سَلِّم سَلِّم کی ڈَھارس سے پُل پر ہم کو چلاتے یہ ہیں
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. [1]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو!*رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس*اَدَب سان ويهندس *بيان دوران سُستي کان بچندس*پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس*جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت محمد بن جَرِير رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان ڪجھ دوست ملي ڪري علمِ دين سکڻ جي لاءِ سفر تي نڪتاسين. هڪ شهر ۾ پهتاسين، اتي علمِ دين سکڻ ۾ مصروف ٿي وياسين. هڪ عرصو اُتي گذاريو، ان دوران اسان وٽان اخراجات ختم ٿي ويا. اسان دوستن ارادو ڪيو ته هلو! واپس گهر هلون ٿا (اخراجات کڻي واپس اينداسين) اڃان اسان ارادو ڪري رهيا هئاسين ته هڪ غير مسلم اسان وٽ