Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته دين جي مالي خدمت ڪندا ڪيون. ڪهڙي خبر اسان تي به ڪرم ٿي وڃي! ۽ جيڪڏهن دنيا ۾ اهڙو ڪرم نه به ٿيو، آخرت ته اچڻي آهي، قبر ۾ ته لهڻو ئي لهڻو آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبر ۽ آخرت ۾ ان جو اجر ۽ ثواب نصيب ٿي ويندو.

وقت جي حاڪم  علمِ دين طالبن کان معذرت ڪئي

 حضرت ابو الحسن فَقيه رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان مشهور مُحَدِّث حضرت حسن بن سفيان رحمةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ رهندا هئاسين، هڪ ڀيرو پاڻ فرمايائون: جڏهن مون کي علمِ دين سکڻ جو شوق ٿيو، ان وقت مان نوجوان هيس، اسان ڪجھ دوست ملي ڪري علمِ دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ مصر ڏانهن روانا ٿياسين، هاڻي اسان کي استاد ڳولهڻو هو، وڏي ڳولها کان پوءِ ان وقت جي وڏي محدث صاحب وٽ پهتاسين، اهي اسان کي روزانو حديثون لکرائيندا هئا.

   اسان سڀئي دوست هڪ مسجد ۾ رهندا هئاسين * پرديس هو * غربت هئي  *  تنگدستي هئي * ڪوبه اسان جي مشقتن ۽ تڪليفن کان واقف نه هو * اسان به ڪڏهن ڪنهن جي سامهون پنهنجون مشقتون ۽ تڪليفون ظاهر نه ڪيون هيون. هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو اسان وٽ جيترا پيسا هئا، سڀ ختم ٿي ويا، فاقو شروع ٿي ويو، ايستائين جو اسان 3 ڏينهن ۽ 3 راتيون بُک تي گذاريون، بُک جي سبب ڪمزوري وڌي وئي، هلڻ ڦرڻ به مُشڪل ٿي ويو.

    حضرت حَسن بن سفيان رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: انهيءَ بُکَ جي حالت ۾ چوٿون ڏينهن به اچي ويو، هاڻي ته ڪمزوري جي انتها ٿي چڪي هئي، جيئن ته مان مسجد جي هڪ ڪُنڊ ۾ ويس ۽ نماز پڙهڻ شروع ڪئي، نماز کان پوءِ مون دعا گهري، اڃان مان دعا کان فارغ به نه ٿيو هيس ته مسجد ۾ هڪ نوجوان داخل ٿيو، ان پڇيو: حسن بن سفيان ڪير آهي؟ مون چيو مان آهيان. نوجوان چيو: اسان جي شهر جي حاڪم طُولون اوهان جي لاءِ کاڌو موڪليو آهي.