Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

پاڻ کي دين جي خدمت جي لاءِ، علمِ دين سکڻ، سيکارڻ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. [1]

 عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: * اهي مشائخ * اهي عُلماءِ ڪرام* علمِ دين جا طالب * اهي مبلغين جن پاڻ کي خدمتِ دين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، هو دين جي ڪمن ۾ ايترو مصروف ٿي ويا جو رزقِ حلال ڪمائڻ جو وقت ئي نٿو ملي، هي به اَهۡلِ صُفَّه جي صف ۾ شامل آهن. جيئن ته الله پاڪ خاص طور تي اَهۡلِ صُفَّه جي مالي خدمت جو حڪم ڏنو آهي، ايئن ئي اڄوڪي دور جا عاشقانِ رسول جيڪي دين جي خدمت ۾ مصروف آهن، انهن جي مالي خدمت به ضروري آهي ته جيئن هي به پوري طرح دين جي خدمت ۾ مصروف رهي سگهن.[2]

خواب ۾ ديدارِ مصطفيٰ جو شرف

  پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪي ماڻهو دين اسلام جي خدمت ۾ مصروف آهن، انهن جي خدمت ڪرڻ جي هڪ فضيلت هيءَ به آهي ته جيڪو هيءَ سعادت ماڻيندو آهي، ان سان محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خوش ٿيندا آهن. اسان واقعو ٻڌو، ٻانهو غير مُسلم هو، ان علمِ دين جي طالبن جي مالي خدمت ڪئي، ان جي برڪت سان ان کي ۽ ان جي گهر جي 17 ماڻهن کي محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ پنهنجو ديدار به ڪرايو ۽ ڪلمو پڙهائي ڪري پنهنجي دامنِ رحمت ۾ لڪائي ورتو.

 سُبْحٰنَ اللہ!  اسان به هي سعادت حاصل ڪريون، سندن ڪرم سان ڪهڙي ڳالهه بعيد آهي، ڪهڙي خبر ته اسان جي به قسمت جاڳي پئي، ڪڏهن اسان سمهون، مٿي جون اکيون بند ٿين ۽ دل جون اکيون کلي وڃن، ڪهڙي خبر! اسان کي به خواب ۾ ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سعادت نصيب ٿي وڃي.


 

 



[1] صراط الجنان،پارہ :3 ، سورۂ بقرہ،زیرِ آیت :273، جلد:1، صفحہ:409مفصلاً۔ 

[2] صراط الجنان،پارہ :3 ، سورۂ بقرہ،زیرِ آیت :273، جلد:1، صفحہ:409مفصلاً۔