Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

الله پاڪ اسان کي دل کولي ڪري صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي ڏنل مال مان ان جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اچو! راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ جا فضائل ٻڌون ٿا:

صدقو ڪرڻ سان ملائڪن جون دعائون ملنديون آهن

   صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنه کان روايت آهي، فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اهڙو ڪو ڏينهن ناهي جنهن ۾ ٻانها  صبح ڪن ۽ 2 فرشتا نه لهن جن مان هڪ چوندو آهي: الٰهي! سخيءَ کي تمام سُٺو عيوض ڏي ۽ ٻيو چوندو آهي: الٰهي! ڪنجوس کي بربادي ڏي.[1] هن حديث جي شرح ۾ مشهور مُفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: يعني سخي جي لاءِ دعا ۽ ڪنجوس جي لاءِ بد دعا روزانو فرشتن جي واتان نڪرندي آهي جيڪا يقيناً قبول آهي.[2]

سڀ کان طاقتور شيءِ

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا اوهان ڄاڻو ٿا هن دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط شيءِ ڪهڙي آهي؟ حديثِ پاڪ ٻڌو! حضرت انس رَضِیَ اللہُ عَنه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جڏهن الله پاڪ زمين کي پيدا فرمايو ته اها لڏڻ لڳي ته الله پاڪ جبلن کي ان ۾ کوڙي ڇڏيو جنهن سان زمين بيهي وئي، ملائڪَ جبلن جي مضبوطي سان حيران ٿيا ۽ عرض ڪيائون: * اي الله پاڪ! ڇا تو جبلن کان به وڌيڪ  مضبوط ڪا شيءِ پيدا فرمائي آهي؟ الله پاڪ فرمايو: ها! اهو لوھ آهي، * انهن عرض ڪيو: اي الله پاڪ! ڇا تو لوھ کان به وڌيڪ مضبوط کا مخلوق بڻائي آهي؟ فرمايو ها! اها


 

 



[1]...بخاری،کتاب الزکاۃ ،باب قول اللہ تعالیٰ:فاما من اعطی…الخ ،صفحہ:402 ،حدیث:1442۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:3 ،صفحہ:69۔