Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
پڙهندڙن جو انگ تقريباً 4 لک آهي۔ * فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ذريعي تقريباً 24 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔* هاڻي تائين تقريباً 21 دار الافتاء اهل سنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد ماهوار اوسطاً 20 هزار آهي. * المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) جي ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم ڪيو وڃي ٿو، الحمدُ الله! هن شعبي هيٺ هاڻي تائين 1784 ڪتاب ۽ رسالا تيار ٿي چڪا آهن، هن شعبي ۾ ڪيئي مدني علماءِ ڪرام خدمتون سر انجام ڏين ٿا، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده پگهارون ڏيندي آهي. * دعوتِ اسلامي ديني ڪتابن جي اشاعت لاءِ "مڪتبة المدينه" نالي پنهنجو اشاعتي ادارو قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتاب شايع ڪيا ويندا آهن. هتي مختلف ڪتاب ۽ رسالا مفت تقسيم ڪرڻ جو به سلسلو ٿيندو آهي ۽ ڪتاب فروخت به ٿيندا آهن. * دعوتِ اسلاميءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجن ديني ڪمن کي ڦهلائڻ لاءِ مڪمل تنظيمي نظام قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ ذيلي حلقن کان وٺي مرڪزي مجلس شورا تائين هڪ جامع نظام موجود آهي، هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ذميوار مقرر ٿيل آهن. * عاشقانِ رسول جي تربيت ڪري، انهن کي ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ ديني ڪمن لاءِ موڪليو ويندو آهي. انهن کي باقاعدي پگهار ڏني ويندي آهي ته جيئن هو ڪنهن فڪر کان آزاد ٿي دين جي خدمت ڪري سگهن * دعوتِ اسلامي مختلف ميڊيا پليٽ فارمز جي ذريعي به دينِ اسلام جي خدمت ۾ مصروف آهي. مثلاً * پرنٽ ميڊيا(يعني ماهوار فيضان مدينه، جيڪو 7 مختلف ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ هڪ وڏي اشاعت وارو ماهوار آهي. * سوشل ميڊيا جيئن يوٽيوب، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٻين پليٽفارمن تي تقريباً 100 اڪائونٽس آهن، جن تي تقريباً 64.1 ملين (6 ڪروڙ 41 لک) فالورز آهن، جڏهن ته ڏسندڙ جي تعداد بلينز (Billions) يعني 100 ڪروڙ کان به مٿي آهي. * ۽ مدني چينل اردو، انگريزي،