Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

هفيوار  مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جوابَ به عنايت فرمائيندا. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به هن جي دعوت ڏين *  شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهن جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”خوفِ خُدا وارن جي نماز“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الاهي ۽ ثواب جي لاءِ ٻين کي به شيئر (Share) ڪيو! *  صدقو ڏيڻ اهڙو عمل آهي، جنهن سان ڪيئي مُشڪلات حل ٿينديون، بيماريون دور ٿينديون، دعائون قبول ٿينديون ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا حاصل ٿيندي آهي. صدقو ڪرڻ جو ذهن حاصل ڪرڻ ۽ ان جي متعلق مسئلن جي معلومات جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو رسالو ”صدقي جو انعام“ مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 55 روپيا قيمت ڏئي حاصل ڪيو، هن ڪتاب کي پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو! *  ربيع الثاني جي مبارڪ مهيني جي مناسبت سان مجلس تقسيمِ رسائل پيش ڪري رهي آهي فيضانِ غوثيه پيڪج، هي پيڪج مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 200 روپيا قيمت ڏئي طلب فرمايو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون