Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

آيو، ان اسان سڀني دوستن کي 3، 3، درهم ڏنا! ڪجھ اخراجات اچي ويا. ان کان پوءِ ان 40 ڀيرا اسان کي اهڙيءَ طرح درهم ڏنا! اسان ان کان پڇيو: توهان ته غير مسلم آهيو، اوهان اسان کي هيءَ رقم ڇو ڏيو ٿا؟ ان چيو: مون تورات شريف ۾ پڙهيو آهي ته سڀني کان افضل صدقو اهو آهي جيڪو علمِ دين جي طالب کي ڏنو ويندو آهي. اسان وٽ (يعني اهل تورات ۾) ته ڪوبه هن طرح علمِ دين سکڻ ۾ مصروف نه آهي، لهٰذا جڏهن مون توهان کي علمِ دين سکڻ ۾ مصروف ڏٺو ته توهان تي ئي خرچ ڪيو ته جيئن افضل صدقي جو ثواب ملي وڃي.

   حضرت محمد بن جرير رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان ان کي الوداع چيو. ان کان پوءِ هڪ ڀيرو اسان تمام دوست حج جي لاءِ مڪي شريف حاضر ٿياسين. ڏٺوسين ته اهو ئي غير مُسلم ڪعبي شريف جو طواف ڪري رهيو آهي. اسان حيران ٿي پڇيو: اوهان ته غير مُسلم هئا، اسلام ڪيئن قبول ڪيو؟ ان چيو: منهنجي قسمت جاڳي، خواب ۾ محبوبِ خُدا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي آيا ۽ فرمايائون: اوهان طالبِ علمن تي خرچ ڪيو، ان جي برڪت سان الله پاڪ اوهان کي اسلام جي توفيق بخشي ڇڏي آهي.

 بَس اتان کان منهنجي قست جاڳي پئي ۽ مون انهيءَ وقت (خواب ۾ ئي) محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هٿ مبارڪ تي اسلام قبول ڪري ورتو. وڌيڪ ڪرم هي ٿيو جو منهنجي گهر ۾ 17 ڀاتي هئا، ان رات سڀني کي خواب ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت نصيب ٿي، سڀ جا سڀ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا. (حکایات و قصص، ص: ۲۰۱)

دوعالم صدقہ پاتے ہیں مرے سرکار کے دَرکا                                        اسی سرکار سے ملتا ہے جو کچھ ہے مُقَدَّر کا

بڑے دَربار میں پہنچایا مجھ کو میری قسمت نے                                            میں صدقے جاؤں کیا کہنا مرے اَچھے مُقَدَّر کا([1])


 

 



[1]...سامان بخشش،صفحہ:50۔