Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan
۽ ان رات جا گناھه معاف ٿي ويندا، خيال رهي! ڪبيرا گناهه سچي توبه سان معاف ٿيندا آهن، ايئن ئي قضا نمازون، قضا روزا ۽ جيڪي ماڻهن جا مالي، جسماني حقَ ذمي هجن ته انهن جي ادائگي به ضروري آهي.
وہ تَو نہایت سستا سودا، بیچ رہے ہیں جنت کا
ہم مُفْلِس کیا مُول چکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
قَالَ اللہُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی الله پاڪ فرمائي ٿو:
اَمۡ حَسِبَ الَّذِيۡنَ اجۡتَـرَحُوا السَّيِّاٰتِ اَنۡ نَّجۡعَلَهُمۡ كَالَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ سَوَآءً مَّحۡيَاهُمۡ وَمَمَاتُهُمۡ ؕ سَآءَ مَا يَحۡكُمُوۡنَ (پارہ:25، الجاثیۃ:21)
ترجمو ڪَنزُالعِرفَان: ڇا جن ماڻهن براين جو ارتڪاب ڪيو اهي هي سمجهن ٿا ته اسان انهن کي انهن جهڙو ڪري ڇڏينداسين جن ايمان آندو ۽ جن چڱا ڪم ڪيا (ڇا) انهن جي زندگي ۽ موت برابر هوندو؟ اهي ڪهڙو نه برو حڪم لڳائن ٿا.
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم