Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

وَ اتَّقُوْا یَوْمًا تُرْجَعُوْنَ فِیْهِ اِلَى اللّٰهِۗ- (پارہ:3، سورۀ بقرہ:281)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ ان ڏينهن کان دڄو جنهن ۾ توهان الله جي طرف موٽايا ويندو.

پيارا اسلامي ڀائرو! هي عبرت جي ڳالهه آهي، اسان هن دنيا ۾ گهڻو ڪجهه ڪندا آهيون * وڏيون وڏيون ڊگريون به حاصل ڪندا آهيون، * نوڪري * ڪاروبار * ڪمائڻ، کائڻ * وڏا وڏا منصوبا ٺاهڻ، * ڪوٺي، بنگلا، عاليشان محل، * وڏي کان وڏي منصب جي لاءِ ڀڄ ڊڪ وغيره گهڻو ڪجهه ڪندا آهيون پر سوچڻ جي ڳالهه آهي، ڇا اسان ان ڏينهن لاءِ تياري ڪندا آهيون جنهن ڏينهن سڀ ڪجهه هتي ڇڏي ڪري اونداهي قبر ۾ لهي وڃڻو آهي،  افسوس! اهو ڪهڙي بي وسي جو ڏينهن هوندو؟ ڪيتري لاچاري هوندي؟ جڏهن حضرت ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام تشريف کڻي ايندا، اسان جا عزيز رشتيدار، اولاد، ساهه کان وڌيڪ پيار ڪرڻ وارا، اسان جا پيارا دوست، اسان جو مال، بئنڪ بيلنس وغيره ڪجهه به ڪم نه ايندو، عزيز ڏسندي رهجي ويندا،  ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام روح قبض ڪري وٺندا ۽ ڪير ڪجهه به نه ڪري سگهندو. پوءِ اسان کي غسل ڏئي، ڪفن پارائي اونداھي قبر ۾ لاٿو ويندو، پوءِ اسان ھونداسين ۽ اسان جا عمل ھوندا، ان کان علاوه ڪجهه به اسان سان گڏ نه ويندو. غور جو مقام آهي! اسان کي هن دنيا ۾ ٿورو ئي وقت گذارڻو آهي، اهو به ڪيترو آهي؟ اسان کي خبر ناهي، ٿي سگهي ٿو ايندڙ ساهه به نه کڻي سگهون. ان جي باوجود اسان هن دنيا جي لاءِ جيترو ڪندا آهيون؟ هلو ايترو نه ان جي اڌ جيترو ئي سهي ڇا اسان قبر جي لاءِ تياري ڪندا آهيون ؟ شايد ناهيون ڪري سگهندا.

یاد رکھ ہر آن آخر موت ہے                                                                                           بَن تُو مت انجان آخر موت ہے

مرتے جاتے ہیں ہزاروں آدمی                                                                      عاقِل و نادان آخر موت ہے

بارہا عِلمی تجھے سمجھا چکے                                                                                                                       مان یا مت مان آخر موت ہے