Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat
ڪريم نازل ٿيڻ وارو مهينو تشريف کڻي اچڻ وارو آهي.
عَجِّل عَجِّل یا رمضان جان مری تجھ پر قربان
آ بھی جا ماہ ِ سُبحٰن جلدی جلدی آ رمضان
جب بھی آتا ہے رمضان جان میں آ جاتی ہے جان
رمضان المبارڪ تقوٰي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي، الله پاڪ رمضان مهيني جي روزن جو حڪم ڏيندي، ان جو جيڪو فائدو ذڪر ڪيو، اها هيءَ ئي تقوٰي آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا کُتِبَ عَلَیْکُمُ الصِّیَامُ کَمَا کُتِبَ عَلَی الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِکُمْ لَعَلَّکُمْ تَتَّقُوْنَ (۱۸۳)ۙ
(پارہ:2، سورۀ بقرہ:183)
ترجمو ڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا جيئن توهان کان اڳين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا ته جيئن توهان پرهيزگار بڻجي وڃو.
هن آيت ڪريمه جي آخري حصي لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَ جي وضاحت ڪندي مشهور مُفَسِّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن ۾ روزو رکڻ جي حڪمت جو ذڪر آهي، يعني (اي ايمان وارؤ!) توهان تي روزا ان ڪري فرض ڪيا ويا ته جيئن توهان جهنم جي باهه کان بچي وڃو يا پرهيزگار بڻجي وڃو. وڌيڪ فرمائن ٿا: گناهه ڪرائڻ وارو نفس آهي ۽ اهو کائڻ پيئڻ سان طاقتور ٿيندو آهي جڏهن روزي سان ان جي قوت ٽٽندي ته توهان جي گناهه جي طرف رغبت گهٽ ٿيندي ۽ پرهيزگاري به حاصل ٿيندي. ([1])
اي عاشقان رسول! معلوم ٿيو ته روزي رکڻ جي برڪت سان باغي نفس جي طاقت ٽٽي پوندي آهي، گناهن جي رغبت گهٽ ٿيندي ۽ پرهيزگاري جي دولت