Book Name:Shab e Barat Ke Fazail
ڪاروبار ڪيو، هاڻي وياجي لين دين تي شرمندگي جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا؛ * ڪنهن کي وياجي لين دين ۾ نقصان پهچي ويو، ان ڪري شرمنده ٿي رهيو آهي * وياجي لين دين جي ڪري گھر وارا يا دوست احباب ناراض آهن، ان ڪري شرمندگي ٿي رهي آهي، اهڙي شرمندگي توبه لاءِ ڪافي نه آهي بلڪه توبه لاءِ ضروري آهي ته وياج کي الله پاڪ جي نافرماني سمجهي، الله پاڪ جي عذاب کان ڊڄندي شرمنده ٿئي. (2) ٻيو رڪن اهو آهي ته ٻانهو ان گناھ کي فوري طور تي ڇڏي ڏي، ائين نه ٿئي جو گناھ به ڪري رهيو آهي ۽ توبه به ڪري رهيو آهي، هي توبه نه بلڪه معاذ الله! مذاق آهي. (3) سچي توبه جو ٽيون رڪن اهو آهي ته آينده اهو گناه نه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏي. اهي ٽئي رڪن پورا هوندا ته ان کي سچي توبه چيو ويندو.
میں کر کے توبہ پلٹ کر گُناہ کرتا ہوں حقیقی توبہ کا کر دے شرف عطا یارَبّ!
ٻيو اهم ترين ڪم اهو آهي ته شبِ براءت اچڻ کان اڳ ئي ٻانهن جا حق(Rights) معاف ڪرايا وڃن. هي به توبه جو ئي هڪ حصو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻانهي جي حق تلفي ڪئي هجي، جيستائين ان کان معاف نه ڪرائيندا، تيستائين اها حق تلفي معاف نه ٿيندي، ان ڪري بهتر آهي ته شبِ براءت اچڻ کان پهريان پنهنجي هر سڃاڻڻ واري کان احتياطاً معافي تلافي ڪئي وڃي، ته جيئن ڄاڻي واڻي ڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي، ڪنهن کي تڪليف پهچائي هجي ته ان جي معافي ٿي وڃي. اسان وٽ شبِّ براءت کان پهريان واٽس اپ (WhatsApp) وغيره تي هڪ ميسج هلندو آهي، جنهن ۾ ٻين کان معافي جي درخواست هوندي