Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

آهي، هي سٺو طريقو آهي پر هڪ ميسج کي ٻه يا چار سئو ماڻهن ڏانهن فارورڊ ڪري ڇڏڻ معافي لاءِ ڪافي نه آهي، بهتر اهو آهي ته جن سان ملي سگهو ٿا، انهن سان ملي ڪري، جن کي فون ڪري سگهو ٿا، انهن کي فون ڪري ۽ جن تائين رسائي نه آهي، انهن کان باقاعده صوتي يا تحريري پيغام(Voice or Text Message) پنهنجي طرفان رڪارڊ ڪري يا لکي موڪليو وڃي، ته جيئن سامهون واري کي لڳي ته واقعي سنجيدگي سان مون کان معافي گهري پئي وڃي ۽ جن کان معافي گهري وڃي، انهن کي به گهرجي ته پنهنجن مسلمان ڀائرن کي معاف ڪري ثواب ڪمائين.

مُعاف فَضْل و کرم سے ہو ہر خطا یارَبّ!                                                        ہو مغفرت پئے سلطانِ اَنبیا یارَبّ!

بِلا حساب ہو جنّت میں داخِلہ یارَبّ!                                                                               پڑوس خُلد میں سَروَر کا ہو عطا یارَبّ!

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب                                                                                                                                                صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

(3) دل مان بغض ۽ ڪينو ڪڍي ڇڏيو!

          پيارا اسلامي ڀائرو! روايتن جي مطابق جيڪو بدنصيب شبِ براءت جهڙي عظيم رات ۾ به مغفرت کان محروم رهندا آهن، انهن مان هڪ بغض ۽ ڪينو رکڻ وارو به آهي.

يقيناً اسان مان هر هڪ مغفرت ۽ بخشش جو طلب گار ۽ حاجت مند آهي، ان ڪري شبِ براءت اچڻ کان پهريان انهن تمام گناهن کان توبه سان گڏ اهو به ضروري آهي ته اسان پنهنجي دل صاف ڪري وٺون، دل ۾ ڪنهن جو بغض ۽ ڪينو (يعني لڪل دشمني)، ڪنهن جي مُتعلق حسد، ڪنهن لاءِ ميرُ نه رهي.