Book Name:Shab e Barat Ke Fazail
هجي، نه ڪينو هجي، نه ئي حسد هجي[1].
معلوم ٿيو جنهن جي زبان سچي هجي، ڪوڙ نه ڳالهائي ۽ جنهن جي دل ۾ نه سرڪشي هجي، نه ڪينو هجي، نه بغض هجي، نه حسد جلن هجي، اهو ٻانهو وڏي فضيلت وارو آهي. شيخِ طريقت، امير اهلسنت دامت برکاتہم العالیہ بارگاھِ رسالت ۾ استغاثه پيش ڪن ٿا:
جھوٹ سے بغض و حسد سے ہم بچیں کیجئے رحمت اے نانائے حُسین
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اسان مالڪِ جنت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر هئاسين، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: یَطْلُعُ عَلَیْکُمُ الْآن مِنْ هٰذَا الْفَجِّ رَجُلٌ مِنْ اَهْلِ الْجَنَّۃِ يعني هاڻي توهان وٽ هن رستي کان هڪ جنتي ماڻهو ايندو. جيئن ته هڪ انصاري صحابي اتان آيو، ان جي ڏاڙهي وضو جي پاڻي سان تر هئي، کاٻي هٿ ۾ جُتي کڻي رکي هئي ۽ هلندو پئي آيو.
ٻئي ڏينهن وري نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هاڻي توهان وٽ هن رستي کان هڪ جنتي ماڻهو ايندو. ٻئي ڏينهن به اهو ئي صحابي آيو، ٽئين ڏينهن وري ائين ئي ٿيو. حضرت عبد اللہ بن عمرو رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هاڻي مان ان انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي گھر پهتس ۽ درخواست ڪئي ته مان توهان وٽ مهمان رهڻ چاهيان ٿو. جيئن ته مان 3 راتيون ان وٽ رهيس، ان دوران مون