Book Name:Shab e Barat Ke Fazail
شبِ براءت * تمام گهڻي برڪتن واري، * عظمتن واري رات آهي. * هن رات ۾ الله پاڪ پنهنجن ٻانهن تي خاص رحم ۽ ڪرم فرمائيندو آهي. * لکن گنهگارن جي بخشش ڪئي ويندي آهي. * هي دعائن جي قبوليت * ۽ روزي تقسيم ٿيڻ جي رات آهي. * هن رات رزق ۾ برڪت لاءِ جيڪا دعا گهري ويندي آهي، قبول ٿيندي آهي.
اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله ڪريم 4 راتين ۾ ڀلائيءَ جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي: (1) بقره عيد جي رات (2) عيدالفطر جي رات (3) شعبان جي 15هين رات جو ان رات ۾ مرڻ وارن جا نالا، ماڻهن جي روزي ۽ حج ڪرڻ وارن جا نالا لکيا ويندا آهن (4) عرفه (يعني 9 ذوالحج) جي رات.[1]
شُعَبُ الْايمان ۾ حديثِ پاڪ آهي، اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: 15 شعبان جي رات (يعني شبِ برات تي) هڪ پڪارڻ وارو پڪاريندو آهي: * آهي ڪو مغفرت گهرڻ وارو جو ان جي مغفرت ڪئي وڃي؟ * آهي ڪو گهرڻ وارو جو ان کي عطا ڪيو وڃي؟ پس بدڪار عورت ۽ مشرڪ کان علاوه جيڪو ٻانهو جيڪا به حاجت طلب ڪندو آهي، ان جي حاجت پوري ڪئي ويندي آهي[2].