Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

قلبِ سَليم ڇاکي چئبو آهي

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو: 

یَوْمَ لَا  یَنْفَعُ  مَالٌ  وَّ  لَا  بَنُوْنَ ۸۸)  اِلَّا  مَنْ  اَتَی اللّٰہَ  بِقَلْبٍ سَلِیْمٍ ۸۹)  

(پارہ:19، سورۂ شُعَرَاء، آیت:88-89)

ترجموڪنزُالعِرفان: جنهن ڏينهن نه مال ڪم ايندو ۽ نه پُٽَ پر اهو جيڪو الله جي بارگاھ ۾ سلامت دل سان حاضر ٿيندو.

معلوم ٿيو ته قيامت جي ڏينهن نه مال ڪم ايندو، نه اولاد ڪم ايندي، قيامت جي ڏينهن قلبِ سليم ڪم ايندو. قلبِ سليم ڇا آهي؟ * اها دل جيڪا ڪفر ۽ شرڪ کان پاڪ هجي * جنهن دل ۾ بدعقيدگي نه هجي * اها دل جيڪا باطني بيمارين کان پاڪ هجي * جنهن ۾ حسد نه هجي * بغض نه هجي * ڪينو نه هجي    * دنيا جي محبت نه هجي، اهڙي پاڪيزه دل وارو روزِ قيامت ڪامياب ٿيندو.

ماڻهن ۾ افضل ڪير؟

   حضرت عبد اللہ بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: پياري آقا، نور واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪ بارگاھ ۾ عرض ڪيو ويو: ايُّ النَّاسِ اَفْضَلُ؟ يا رسولَ اللہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! ماڻهن ۾ افضل ڪير آهي؟ فرمايائون: کُلُّ مَخْمُوْمِ الْقَلْبِ، صُدُوقُ اللِّسَانِ    هر اهو ٻانهو جيڪو مَخْمُوْمُ الْقَلْبِ آهي ۽ سچي زبان وارو آهي. صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو: يا رسولَ اللہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! صُدُوقُ اللِّسَانِ (يعني سچي زبان وارو) ڪنهن کي چوندا آهن، هي ته اسان ڄاڻون ٿا، مَخْمُوْمُ الْقَلْب ڪير آهي؟ فرمايائون: اهو متقي شخص جنهن تي ڪو گناه نه هجي، ان جي دل ۾ نه سرڪشي