Book Name:Shab e Barat Ke Fazail
(4) چوٿين خصوصيت هيءَ آهي ته هن رات امت مسلمه جي بخشش ڪري انهن کي جهنم کان آزادي عطا ڪئي ويندي آهي.
(5) ۽ شبِ براءت جي پنجين خصوصيت هيءَ آهي ته هن رات ۾ اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو منصبِ شفاعت مڪمل ٿيو. روايتن جي مطابق؛ اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شعبان المعظم جي 13هين رات بارگاھِ الٰهي ۾ سوال ڪيو ته اوهان جي هڪ ٽہائي امت اوهان جي حوالي ڪئي وئي، وري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شعبان المعظم جي 14هين رات سوال ڪيو ته سندن ٻه ٽہائي امت اوهان جي حوالي ڪئي وئي، وري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شعبان المعظم جي 15هين رات بارگاھِ الٰهي ۾ سوال ڪيو ته سندن سڄي امت اوهان جي حوالي ڪئي وئي.[1]
آئی شَبِ براءَت، یہ ہے برکتوں کی رات لطف وکرم کی رات ہے، یہ رحمتوں کی رات
جو چاہتے ہو، تم کو کرے گا خدا عطا اس کی عنایتوں کی ہے یہ نعمتوں کی رات
غم کا علاج آج کی شب دستیاب ہے یہ جاں فزا ہیں ساعتیں، یہ فرحتوں کی رات
پيارا اسلامي ڀائرو! شبِ براءت تمام نازڪ رات آهي، الله پاڪ فرمايو:
فِیْہَا یُفْرَقُ کُلُّ اَمْرٍ حَکِیْمٍ ۙ(۴)
ترجموڪنزالعرفان: هن رات ۾ هر حڪمت وارو ڪم ورهايو ويندو آهي. (سپارو: 25، سورۂ دخان: 4) حضرت عطاء بن يسار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن اڌ شعبان جي رات يعني شبِ براءت ايندي آهي ته حضرت ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام کي