Book Name:Shab e Barat Ke Fazail
لَقَدْ جَآءَکُمْ رَسُوْلٌ مِّنْ اَنْفُسِکُمْ عَزِیْزٌ عَلَیْہِ مَا عَنِتُّمْ حَرِیْصٌ عَلَیْکُمْ بِالْمُؤْمِنِیْنَ رَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ (۱۲۸)
(پارہ:11،سورۂ تَوْبَه:128)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ توهان وٽ توهان مان اهو عظيم رسول تشريف کڻي آيو جنهن تي توهان جو تڪليف ۾ پوڻ تمام ڏکيو گذرندو آهي. هو توهان جي ڀلائي چاهڻ وارو، مسلمانن تي تمام مهربان رحمت فرمائڻ وارو آهي.
مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فارغ ٿيا ته مون ان جي باري ۾ پڇيو ته فرمايائون: اي علي! جيڪو اهڙي طرح عمل ڪري جيڪو توهان ڏٺو ته ان لاءِ 20 مقبول حج ۽ 20 سالن جي مقبول روزن جو ثواب لکيو ويندو.[1]
شبِ براءت جي 100 نوافل جي فضيلت
علامه احمد صاوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو ڪو شبِ براءت ۾ 100 رڪعتون نفل پڙهي، الله پاڪ ان وٽ 100 فرشتا موڪليندو، 30 فرشتا ان کي جنت جي بشارت ڏيندا، 30 فرشتا ان کي عذاب کان بچائيندا، 30 فرشتا ان کان دنياوي آفتون دور ڪندا ۽ باقي 10 فرشتا ان کي شيطان جي مڪر ۽ فريب کان بچائيندا.[2]
علامه ضياءُ الدين ديريني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن 100 نوافل جي متعلق فرمائن ٿا: الله پاڪ جا نيڪ ٻانها شبِ براءت ۾ 100 رڪعتون نماز اهڙي طرح ادا ڪندا هئا جو هر رڪعت ۾ سورة فاتحه کان پوءِ 10 دفعا سورة اخلاص (قُل ھُوَاللّٰہُ اَحَد) پڙهندا هئا. امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي 30 صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان حديث بيان فرمائي ته جنهن هي نماز پڙهي، الله پاڪ ان ڏانهن 70 دفعا نگاهِ ڪرم