Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

اچڻي آهي، ايتري ۾ حڪم ٿيندو: تنهنجي هر گناھه جي جاءِ تي هڪ نيڪي آهي. هاڻ هو پڪاريندو: مولا! اڃا ته تمام وڏا وڏا گناھه باقي آهن جن جو ذِڪر ئي نه ٿيو آهي (مطلب هي ته پهريان ته ڊڄي رهيو هوندو ته گناھن تي پڪڙ ٿيندي پر جڏهن اللہ پاڪ جي رحمت ڏسندو ته گناھه نيڪين ۾ بدلجي رهيا آهن ته چاهيندو ته منهنجا سڀ گناھه نيڪين ۾ بدلجي وڃن، انڪري  پڪاريندو: مولا! اڃا وڏن وڏن گناہن جو ته ذِڪر ئي نه ٿيو آهي.[1]

بخش دے میری ساری خطائیں                                                                          کھول دے مجھ پر اپنی عطائیں

برسا دے رحمت کی برکھا                                                                                                              یااللہ! مری جھولی بھر دے

 سُبْحٰنَ اللہ! اسان جي ربِ ڪريم جي بي پناهه رحمتن جي به ڪهڙي شان آهي. ڪاش! شبِ براءت اچڻ کان پهريان ئي اسان سچي توبه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ۽ گذريل سال جو اعمال نامو ويڙهيو وڃي ته ان ۾ هڪ به گناه باقي نه رهي، سچي توبه جي برڪت سان سڀ گناھ مٽجي وڃن بلڪه زهي نصيب! گناه نيڪين ۾ تبديل ٿي وڃن، پوءِ ته وارا ئي نيارا ٿي ويندا.

توبه جو طريقو

          خيال رھي! اسان وٽ توبه کي تمام هلڪو ورتو ويندو آهي * ڪي ماڻهو رخسار تي هلڪي چماٽ هڻي چوندا آهن: توبه، توبه * ڪي نڪ ۽ ڪنن کي هٿ لڳائيندا آهن * ڪي ماڻهو پنهنجي زبان ڏندن هيٺ ڌٻائي ٻه چار دفعا توبه توبه چوندا آهن، هي توبه نه آهي، سچي توبه جا 3 رڪن آهن: (1) گناھ تي ان جي لاءِ شرمنده ٿيڻ جو اها الله پاڪ جي نافرماني آهي مثال طور ڪنهن وياج وارو


 

 



[1] مسلم، کتابُ الایمان، صفحہ:93، حدیث:190 ۔