Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

ڇڏيو. هر 2 رڪعتن کان پوءِ 21 دفعا قُلْ هُوَاللّٰهُ اَحَدٌ (پوري سورت) يا هڪ دفعو سوره يٰس شريف پڙهو بلڪه ٿي سگهي ته ٻئي ئي پڙهي ڇڏيو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪو هڪ اسلامي ڀاءُ بلند آواز سان يٰس شريف پڙهي ۽ ٻيا خاموشي سان خوب ڪن لڳائي ٻڌن. ان ۾ اهو خيال رهي ته ٻڌڻ وارو ان دوران زبان سان يٰس شريف بلڪه ڪجهه به نه پڙهي ۽ اهو مسئلو خوب ياد رکو ته جڏهن قرآنِ ڪريم بلند آواز سان پڙهيو وڃي ته جيڪي ماڻهو ٻڌڻ لاءِ حاضر آهن انهن تي فرضِ عين آهي ته چپ چاپ خوب ڪن لڳائي ٻڌن. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رات شروع ٿيندي ئي ثواب جو انبار لڳي ويندو. هر دفعي يٰس شريف کان پوءِ دعاءِ نصف شعبان به پڙهندا.

شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو شعبان المعظم جي فضائل تي مشتمل رسالو آهي: آقا (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) جو مهينو. ان رسالي ۾ دعاءِ نصف شعبان لکيل آهي، اتان ڏسي پڙهي ڇڏيو.

20  مقبول حج ۽ 20 سالن جي روزن جو ثواب

مسلمانن جا چوٿان خليفه مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: شبِ براءت هئي، مون ڏٺو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  نماز ادا فرمائي رهيا آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  14 رڪعتون نماز ادا فرمائي، نماز کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ پاڻ   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ويهي رهيا ۽ 14 دفعا سورة فاتحه، 14 دفعا سورة اخلاص (قُلْ ھُوَاللّٰہُ اَحَد 14 دفعا سورة فلق (قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَق)، 14 دفعا سورة ناس (قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاس) ۽ هڪ دفعو آيت الڪرسي پڙهي ۽ آخر ۾ هن آيتِ ڪريمه جي تلاوت فرمائي: