Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

شبِ براءت فرشتن جي عيد جي رات آهي

حُجَّۃُ الْاِسْلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: چيو ويو آهي ته جيئن مسلمانن جي لاءِ عيد جا 2 ڏينهن آهن، اهڙيءَ طرح آسمان جي فرشتن لاءِ 2 راتيون عيد جون آهن: (1) شبِ براءت ۽ (2) شبِ قدر.[1]

شبِ براءت عبادت جي رات آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! شبِ براءت عبادت جي رات آهي، هن رات کي دل مان غفلت جا پردا هٽائي ڪري الله پاڪ جي ياد ۾ گذارڻ سعادت ئي سعادت آهي. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: جنهن 5 راتين کي زندهه ڪيو (يعني رات جاڳي عبادت ۾ گذاري) ان لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي: (1): ترويه (يعني 8 ذوالحج) جي رات (2): عرفه (يعني 9 ذوالحج) جي رات (3): عيد الاضحيٰ (يعني 10 ذوالحج) جي رات (4): عيد الفطر ۽ (5): اڌ شعبان جي رات.[2]

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                                                    گُنَاہوں سے ہر دم بچا یااِلٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی                                                 کرم ہو کرم یاخُدا یااِلٰہی!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

شبِ براءت جون 5 خاصيتون

امام فخر الدين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تفسير ڪبير ۾ فرمائن ٿا: شبِ براءت جون 5 خاصيتون آهن: (1) هن رات ۾ هر حڪمت وارو ڪم تقسيم ڪيو ويندو آهي،


 

 



[1] مکاشفۃ القلوب، صفحہ:303۔

[2] الترغیب و الترھیب، کتابُ العیدَین، جلد:2، صفحہ:98، حدیث:2۔