Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

درست مسئلو؟

(درست شرعي مسئلو يا عوام ۾ پائي ويندڙ مشهور غلط فهمي جي نشاندهي)

مسئلو: زڪوات جي ادائيگي ۾ دير ڪرڻ گناھ آهي.

وضاحت: *عوام ۾ مشهور آهي ته شعبان ۽ رمضان جي مهيني ۾ ئي زڪوات  ڏيڻي هوندي آهي پر اصل ۾ ائين نه آهي. *امامِ اهلسنت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسلامي مهيني جي جنهن تاريخ جنهن ڪلاڪ منٽ تي اهو صاحبِ نصاب ٿيو ۽ سال جي آخر ۾ يعني اهو ئي اسلامي مهينو، اها ئي تاريخ اهو ئي ڪلاڪ منٽ ٻئي سال اچڻ تائين ان وٽ نصاب باقي رهيو ته اهو ئي مهينو، تاريخ، منٽ ان لاءِ زڪوات جو سال آهي، ان اسلامي مهيني جي تاريخ منٽ تي ان جي زڪوات ڏيڻ فرض آهي.  * مثال طور ڪو 11 رجب تي ڏينهن 11 وڳي صاحب نصاب ٿيو، هاڻي ايندڙ سال 11 رجب تي ٺيڪ 11 وڳي سال پورو ٿي ويو، هاڻي به جيڪڏهن اهو صاحبِ نصاب آهي ته ان وقت زڪوات ڏيڻي پوندي، هاڻي رمضان يا شعبان جو انتظار نٿا ڪري سگهون.

اسماء الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

یَا مَلِکُ

جيڪو غريب ۽ نادار 90 دفعا یَا مَلِکُ روزانو پڙهندو غربت کان نجات ملندي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  [1]

ذِکر و درود ہر گھڑی وِردِ زَباں رہے     میری فُضُول گوئی کی عادت نکال دو!


 

 



[1] مدنی پنج سورہ، صفحہ:246۔