Book Name:Shab e Barat Ke Fazail
مسئلي جي بنا تي لڙائي آهي، پاڻ ۾ دوريون آهن ته انهن کي مٽائي ڇڏيو. تاجدار دوعالم، نُور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو باطل تي هجي ۽ جهڳڙو ڇڏي ڏي، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت جي ڪنڊ ۾ گهر بڻائيندو ۽ جيڪو حق تي هوندي به جهڳڙو ڇڏي ڏئي، الله پاڪ جي لاءِ جنّت جي مٿان واري درجي ۾ گهر بڻائيندو. [1]
اُمَّتِ محبوب کا یارَبّ بنا دے خیر خواہ نفس کی خاطِر کسی سے دِل میں میرے ہو نہ بَیْر
پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! آخر ۾ شب براءت ۾ پڙهيا ويندڙ ڪجهه نفلن جي متعلق ٻڌون ٿا.
اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي معمولات مان آهي ته مغرب جي فرض ۽ سنت وغيره کان پوءِ 6 رڪعتون نفل 2، 2 ٻه رڪعتون ڪري ادا ڪيون وڃن. * پهرين 2 رڪعتن کان پهريان هي نيت ڪيو: ياالله پاڪ! انهن 2 رڪعتن جي برڪت سان مون کي درازي عمر بالخير عطا فرماءِ * ٻي 2 رڪعتن کان پهريان هي نيت فرمايو: يا الله پاڪ! انهن 2 رڪعتن جي برڪت سان بلائن کان منهنجي حفاظت فرماءِ * ٽين 2 رڪعتن لاءِ هي نيت ڪيو: يا الله پاڪ! انهن 2 رڪعتن جي برڪت سان مون کي پنهنجي سواءِ ڪنهن جو محتاج نه ڪر.
انهن 6 رڪعتن ۾ سورة الفاتحه کان پوءِ جيڪي چاهيو اهي سورتون پڙهي سگهو ٿا، چاهيو ته هر رڪعت ۾ سورة الفاتحه کان پوءِ 3 دفعا سورة الاخلاص پڙهي